ڇا ته شخص هو: بشير قريشي جي ورسي تي سوشل ميڊيا تي ڀيٽا

0
320
ڇا ته شخص هو: بشير قريشي جي ورسي تي سوشل ميڊيا تي ڀيٽا

 شهيد بشير قريشي کي ورسي جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش ڪئي، ٽربيوٽ ٽو بشير خان قريشي ٽرينڊ هلايو ويو. جنهن ۾ شهيد بشير قريشي جي تصويرن، تقريرن سوڌو ان بابت تحريرون پوسٽ شيئر ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ٽرينڊ جي سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن کان آگاهي مهم به هلائي وئي ۽ اڄ پڻ ٽرينڊ هلايو ويندو. ان سلسلي ۾ شاهزيب سنڌي بشير قريشي جي خطاب واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته او سورهيه پٽ سنڌ جا، سنڌ صدين تائين توکي نه وساري سگهندي، مس يو وڏا. نياز علي کوسو  دولت راگهاڻي جي شاعري شيئر ڪري ڀيٽا ڏني ته :

وڏو اھو شينھن ھو،

جنھن جي گجگوڙ تي وڏا جابر به جھڪڻ لڳا.!!

وڏو ھڪ مزاحمتي ڪردار جو نالو آھي،

جنھن جي اڳيان جبل به جھڪي پوندا ھئا.!!

وڏو ھڪ گونج ھو،

جنھن جي آواز تي قوم ڪونج جي ولر جيان اٿي گڏ ٿي.!!

وڏو ھڪ انقلابي  ڪتاب ھو،

جنھن جي ھر صفعي تي جھڪڻ بجاءِ وڌڻ جو اعلان لکيل آھي.!!

وڏو ھڪ سچ ھو،

جنھن جي ھر ورق تي قوم قربان ٿيڻ لاءِ ھڪ چين ٺاھي بيھڻ لڳي.!!

وڏو ھڪ تاريخ ھو،

جو ھر ڏاڍ ۽ جبر جي دور ۾ انقلابي نظم ٿي دنيا ۾ گونجڻ لڳو.!!

علي جان هوت لکيو ته شهيد بشير قريشي وڏو واقعي سرواڻ پٽ هو، عالم چنڊ ڪولهي، شاد شريف کوسو، امتياز سونارو، آچر رٻاڙي، اسد کوسو، سڪندر علي کوسو، شيراز گل لغاري، شاهزيب ڀٽي به ڀيٽا پيش ڪئي. جڳديش سولنڪي لکيو ته ڇا ته شخص هو، سرخ سلام محبوب، 7 اپريل تي سنڌ ڌرتي جي ارڏي پٽ شهيد بشير قريشي جي 10هين ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي. مهراڻ سنڌي ۽ پرڪاش ڪمار بشير قريشي جي فوٽوگرافر اڪبر بلوچ کي چمي ڏيڻ واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته چُمي ايئن به ڏبي آھي ڇا وڏا؟ ايئن ته اسان ڪڏھن ديوتائن جي مورتين کي به چُميون ناھن ڏنيون!! جيئن تون سنڌ وطن جي مٽي ھاڻن ميرڙن کي ڏيندو ھئين..!! ڪامريڊ خالد مزاري لکيو ته شهيد بشير خان قريشي سڄي سنڌ لاءِ ڇپر ۽ ڇانو ھيو قريشي جھڙا پٽ قسمت سان پيدا ٿيندا آهن، مس يو وڏا، شوڪت علي لکيو ته

جان جان ھئي جيئري ورچي نه ويٺي

وڃي ڀون پيٺي ساريندي کي سڄڻي.“ (شاھؒ)

7 اپريل تي سنڌ ڌرتي جي ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي جي 10 ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، خادم حسين ۽ اعجاز سنڌي لکيو ته

مڃان ته ٿو ته منهنجو عشق توسان آ سانئڻ،

مگر عشق افضل آ ٿيندو وطن سان…!!! (آصف جوڻو)

ايڊووڪيٽ منظور سنڌي لکيو ته شهيد بشير قريشي سنڌ لاءِ ڇپر ڇانو هو، سيف عباسي لکيو ته آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب ويراڳي جي وڃڻاها ۾ لکيو آ ته مون کي بشير خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو ڪيترن سالن کان تجربو رهيو آھي.انهي تجربي دوران ڪڏهن ڪڏهن آئون ٿڪجي پوندو هوس تقرير ڪرڻ لاءِ انڪار ڪندو هوس پر هو اياز جي شعر وانگر ته:“ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر”،ڪڏهن به ٿڪبو نه هو، رمشا تبسم لکيو ته ڄميا ھن جھان ۾ ارڏا ڪي انسان، امڙيون سڀ مھان پر بشير قريشي ڄڻي ڪا ڪا.. سليم آدتيا لکيو ته ھو جڏهن پٽڪي جو ور ڏئي سنڌ جي رستن تي نڪرندو ھو ته  ھٿرادو خدائن جي بدن مان سيسراٽ نڪري پوندا ھئا،

ارباب شعيب لکيو ته جيڪو وطن سان محبت ڪندو آ ان لاءِ ٻيو ڪوئي به رشتو  خاص ناھي ھوندو، دريا خان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جو حوالو ڏيندي لکيو ته 1992۾ سائين جي ايم سيد نشترپارڪ ۾ رٿيل تاريخي جلسي لاءِ تاريخ ساز خطبو تيارڪيو هو ۽ سائين جي ايم سيد فيصلو ڪيو هو ته هُو پاڻ اهو خطبو نه پڙھندو.اُن وقت جيئي سنڌ جا سڀئي مُک اڳواڻ موجود هئا، انهن مان ڪي اهڙا هئا جن ماڻھو چاريندي وار اڇا ڪيا هئا ڪي اهڙا هئا، جو بار ڪهڙي ڀاڳ واري جي ڪلهي تي ٿو پئي. پوءِ سڀني ڏٺو ت اهو سنڌ جو شهزادو بشيرخان قريشي هو، جنهن کي سائين جي ايم سيد ايڏي وڏي مجموعي مان پنهنجي اعتماد ۽ ترجماني لاءِ چونڊيو هو. ڊاڪٽر علي بشير جي هڪ عورت جي مٿي تي هٿ واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هن جي مٿي تي هٿ، هن جي درد جو غم، هن جي غم مان ھن جي وڙهڻ جو عزم، هي بشير خان قريشي هو، فيض سائين لکيو ته ڌرتيءَ جو ڌنار، جنھن پنھنجي زندگي سنڌ کي ارپي چڏي، نواب عبدالقدير بلوچ لکيو ته مونکي خبر آهي ڌرتي ۽ تاريخ پنهنجو حساب ڪتاب رکندي آهي،۽ ڪنهن به حلالي پٽ جي ڪمائي تي ڌاڙو ناهي هڻندي. ايڊووڪيٽ نواب بڙدي لکيو ته

مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا، مون سوريءَ تي سو مان ڏٺا

اي ڌرتي!ڇا ڇا ڪونڌر ها، جي پنهنجا ڪنڌ ڪَپائي ويا

هُو پيار پتنگا کامي ويا، ۽ ڪيڏو دُور اڏامي ويا

شاهزيب ميمڻ لکيو ته بشير خان قريشي ڪنھن سياسي گھراڻي جو چشم چراغ نه ھو اھڙا ماڻھو پاڻ خاندان ٿيندا آھن، شڪيل احمد لکيو ته جيڪو  ماڻهو سچ چوي ٿو اهو ماڻهو لک لهي ٿو، مهدي حسن سنڌي لکيو ته بشير خان قريشي کي معلوم ھو ته قومي تحريڪ ۾ ٽٽل دلين وارا نوجوان ايندا آھن ان ڪري ھن پاڻ کي محبت جي مرھم بڻائي رکيو ھو، صدام ڪولاچي لکيو ته شهيد بشير خان قريشي کي سنڌ ساري ٿي، سندس وڇوڙي تي اڄ به هر اک آلي آهي، سچ اهو آهي ته اڄ به ڪنهن به ماڻهو سان وڏي جو ذڪر ڪري ڏسو، سندس لڙڪ لڙي پوندا. سنڌو لکيو ته سنڌ جي ارڏي پٽ جيڪو به  سکيو عمل مان سکيو ھن لاءِ عمل ئي اھو اڪيلو اکر ھئو جنهن کي ھو آخر تائين پنهنجي سڀ کان وڏي سڃاڻپ ٺاهي چڪو ھئو جڏهن سياسي دانشور ڪتابن ۽ نظرين جي حوالي سان اگھاريو ۽ لھواريون لھندا چڙھندا.

اشفاق چانڊيو عبدالواحد آريسر جو حوالو ڏيندي لکيو ته شهيد ‏بشير خان قريشي، هڪ بيقرار روح جو مالڪ هو ۽ اُنهيءَ بيقرار روحَ کي مادر وطن سنڌ جي هنج ۾ شايد قرار اچي ويو هجي. بشير خان قريشي، سيد ۽ سنڌ جو عاشق هو، ۽ عشق ابدي هوندو آهي. اُهو زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد هوندو آهي. اهڙي ريت غوث بخش سنڌي، مارئي، سراج احمد سنڌي، ديوراج، عبدالرئوف ڀٽي، لاکو ڦلاڻي، سلمان شيرازي، سامي جويو، ابوذر سنڌي، محمد سچل، پارس سهتو، آزاد ڪونج، ولايت علي جوڻيجو، حق ابڙو، عاقب لانگاهه، غلام اڪبر گهانگهرو، ماجد خان ساريو، ماهنور حياءَ، سنڌي جاويد، شعيب ۽ ٻين به شهيد بشير قريشي کي ڀيٽا پيش ڪئي.

وٺي ھر ھر جنم وربو

مٺا مھراڻ ۾ ملبو

ختم اوندهه ٿي ويندي

چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو

صوفي رياض لکيو ته 16 مارچ 2012 شھيد بشير خان قريشي سان ٿيل ڪچھري ٽھڪ ۽ ڳالھيون ڪڏهن به وساري نه سگھنداسين. محبوب ماتلي کان پوءِ حاجي سانوڻ پھتو اتي خطاب ڪرڻ بعد بشيرخان کي وڏي قافلي ۽ شان سان پنهنجي ڳوٺ وٺي پھتاسين. بشير خان جو ڳوٺ پھچڻ ننڍن توڙي وڏن سان ائين مسڪرائيندي ۽ ٽھڪ ڏيندي پئي مليو ڄڻ ڪي صدين کان واسطا رھيا ھجن. بشير خان قريشي جو اسان کان پوءِ ٽنڊي غلام علي ۽ پوءِ ڇھين واٽر ڀائو عبدالحق نظاماڻي وٽ پروگرام رکيل ھو. منهنجي ڳوٺان نڪرڻ وقت بشير خان مونکي چيو ته رياض مان تنهنجي گاڏي ۾ چڙھندس سچ پڇو گڏ سفر دوران محبوب سان کل ڀوڳ ۽ ڪچھري اڻ وسرندڙ آهي. اھا خبر نه ھئي ته محبوب پنهنجي عاشقن کان موڪلائڻ آيو آهي. تقريبن 20 ڏينهن بعد 7 اپريل 2012 تي وڏو اسان کي ھميشه لاءِ ڇڏي سڄي سنڌ کي يتيم ڪري ويو. ۽ اسان اڄ به شھيد جون ڳالھيون ۽ ڏنل پيار کي ياد ڪري بس پاڻ کي آٿت ڏيندا آھيون.  توکي ڪير وساري منهنجا محبوب. بلاول حيدر مهر لکيو ته سنڌ جي درد کي پنهنجو درد سمجھندڙ وڏي بيشر قريشي کي سنڌ ڪڏھن ڪون وساريندي، انساءَ سنڌي، علي عمراڻي، باغي چانڊيو، علي مڱريو، ۽ ٻين به ڀيٽا پيش ڪئي.