چين ٻارن لاءِ ٽڪ ٽاڪ جون سهولتون گهٽائي ڇڏيون

0
178

بيجنگ(دلچسپ نيوز) چين طرفان ٻارن کان انٽرنيٽ جي عادت ڇڏائڻ جي حوالي سان قدم کڻڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ آن لائين گيم کيڏڻ جو وقت گهٽائڻ کانپوءِ ٽڪ ٽاڪ جي حوالي سان به اهم فيصلو ڪيو ويو آهي.ٽڪ ٽاڪ جي ملڪيت رکندڙ ڪمپني بائيٽ ڊانس چين ۾ 14 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي حوالي سان نئين قانونن جو اعلان ڪيو آهي.بائيٽ ڊانس جي هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 14 سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار ڊويوين(ٽڪ ٽاڪ جو چين ۾ اهو نالو آهي) تي يوٿ موڊ ذريعي رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا.ڪمپني طرفان يوٿ موڊ ذريعي 14 سالن کان گهٽ عمر ٻارن جي لاءِ ٽڪ ٽاڪ جو استعمال سڄي ڏينهن ۾ 40 منٽن تائين محدود ڪيو ويو آهي.اهڙي ريت ان عمر جي ٻارن کي ان ايپ تائين رسائي صبح 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين حاصل آهي.ڊويوين لڳ ڀڳ ٽڪ ٽاڪ جهڙي ئي ايپ آهي پر ان ۾ مواد جي جاچ پڙتال وڌيڪ سختي سان ڪئي ويندي آهي ۽ ان جا 60 ڪروڙ کان مٿي ماهوار واهپيدار آهن.ان کان اڳ بائيٽ ڊانس ۾ واهپيدارن جي اصل نالي ۽ عمر جي تصديق جي قانونن تي به عمل ڪيو ويو هو جڏهن ته واهپيدارن کي پنهنجي فون نمبر ۽ ٻيا ذاتي تفصيل به مهيا ڪرڻا پوندا آهن.ڪمپني پنهنجي بلاگ ۾ ٻڌايوآهي ته يوٿ موڊ جي ذريعي اسان کي هر هڪ جي لاءِ زبردست مواد جهڙوڪ ناول ۽ دلچسپ سائنسي تجربن جي تياري جو موقعو ملي سگهندو.ان حوالي سان نئين قانونن موجب 18 سالن کان گهٽ عمر واري ماڻهن کي سڄي هفتي ۾ رڳو ٽي ڪلاڪ آن لائين گيمون کيڏڻ جي اجازت هوندي.ان کان اڳ چين ۾ 2019 ۾ ٻارن جي آن لائين گيمون کيڏڻ جو مدو روز ڏيڍ ڪلاڪ تائين محدود رکڻ جا قانون لاڳو ڪيا ويا هئا.