چرس ھٿ اچڻ وارو مامرو: ايس ايس پي بدين سي آءِ اي سينٽر ڄامشورو پهچي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

0
306

ڪوٽڙي(ن پ ا) سي آءِ اي پوليس ڄامشورو وٽان ڪراچر ۾ هٿ ڪيل 76 ڪلو چرس وارو معاملو، جاچ ڪميٽي ۾ ساک وارا آفيسر مقرر ٿيڻ تي سي آءِ اي سميت ڄامشورو پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جاچ شروع ڪري ڇڏي، رات دير سان ايس ايس پي بدين شبير سيٺار ۽ اي ايس پي سٽي حيدرآباد علينا راڄپر ڪوٽڙي پهچي سي آءِ اي سينٽر جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ۽ ڪوارٽر گارڊ ٿيل عملي کان بيان ورتا، منشيات خلاف چئين مهينن کان تحريڪ هلائيندڙ شهرين پاران جاچ ۾ ايس ايس پي ڄامشورو کي به شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ۽ هن سلسلي ۾ شهرين پاران اڄ شام 4 بجي ايس ايس پي ڄامشورو کي هٽائڻ لاءِ احتجاجي ريلي به ڪڍي ويندي.