ڄامشورو پوليس سياحن کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو

0
160
ڄامشورو پوليس سياحن

ڄامشورو (ن پ ا) ڄامشورو جي المنظر تي گهمڻ لاءِ ايندڙ سياحن کي ڄامشورو پوليس ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي

سنڌو درياهه جي ڪناري تي گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کان پوليس اهلڪار پيسا اوڳاڙڻ لڳا، نوجوان جوڙي کان پوليس اهلڪارن پاران مبينا رشوت طلب ڪرڻ جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته موٽر سائيڪل تي سوار ٻه پوليس اهلڪار نوجوان جوڙي کان پيسن جي گهر ڪري رهيا آهن، تفريحي ماڳ المنظر تي هن کان اڳ اهڙي قسم جون ويڊيو وائرل ٿي چڪيون آهن