لاهور: ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر هرشل گبز ڪشمير پريميئر ليگ ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ ڀارت طرفان ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هرشل گبز چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ڌمڪائي رهيو آهي، بي سي سي آءِ غير ضروري طور پاڪستان سان پنهنجي سياسي ايجنڊا وچ ۾ آڻي رهيو آهي. هرشل گبز چيو ته مونکي ڪي پي ايل ٽي ٽوئنٽي ۾ کيڏڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ڌمڪي ڏني پئي وڃي ته ڀارت ۾ انٽري جي اجازت نه ڏني ويندي. ٻئي پاسي ڪشمير پريميئر ليگ جي صدر عارف ملڪ چيو آهي ته ڀارت جي ڪريل حرڪتن کي منهن ڏئي وٺنداسين، سريلنڪن رانديگر تلڪارتني دلشان ڪي پي ايل ۾ اچڻ جو اعلان ڪيو آهي.