ڀارت مان ٽي 20 ورلڊ ڪپ گڏيل عرب امارات منتقل ڪرڻ جو امڪان

0
251

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي خراب ٿيندڙ صورتحال جي ڪري ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڀارت مان گڏيل عرب امارات منتقل ڪري سگهجي ٿو. ڀارت ۾ ڪورونا صورتحال خراب اهي، جنهن سبب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ جو ٿيڻ تقريبن ناممڪن بڻجي ويو آهي، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت مان گڏيل عرب امارات منتقل ٿيڻ جو امڪان آهي. ڀارت جي ڪرڪيٽ بورڊ جي ميمبر ڌيرج ملهوترا جو چوڻ آهي ته ڀارتي بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪرائڻ ۽ ميزباني لاءِ پراميد آهي. هن چيو ته آءِ سي سي سان صورتحال تي لاڳيتو رابطي ۾ آهيون، جيڪڏهن هنگامي صورتحال ٿي ته ايونٽ گڏيل عرب امارات منتقل ڪرڻ تي غور ڪنداسين