هراري ٽيسٽ ۾ فواد عالم جي شاندار سينچري: پاڪستان 198 رنز جي برتري حاصل ڪري ورتي

0
315

هراري(اسپورٽس نيوز) مڊل آرڊر بيٽسمين فواد عالم هڪ وڌيڪ سينچري ٺاهي ورتي آهي، زمبابوي خلاف هراري ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن جي پوري ٿيڻ تائين هن 108 رنز ٺاهي ورتيون. اوپنر عمران بٽ نروس نائينٽينز هٿان 91رنز تي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته قومي ٽيم کي سندس مخالف ٽيم تي 198 رنز جي سرسي حاصل آهي.ميچ جي ٻئي ڏينهن تي پاڪستان 103 رنز تي جيئن ئي اننگز جي شروعات ڪئي ته عابد علي 60 رنزٺاهي 115 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد ٻئي وڪيٽ جي نقصان تي اظهر علي ۽ عمران بٽ 59 رنز جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، اظهر علي 36 رنز تي پويلين واپس موٽي ويو جنهن کانپوءِ جيئن ئي ڪپتان بابر اعظم آيو ته پهرئين بال تي وڪيٽ ڏئي ويٺو.هوڏانهن اوپنر عمران بٽ سينچري کان 9 رنز جي فاصلي تي هو ته نروس نائينٽيز جو شڪار ٿي پويلين واپس موٽي ويو.ان کانپوءِ فواد عالم ا۽ محمد رضوان شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنجين وڪيٽ جي پارٽنر شپ ۾ 107 رنز جو اضافو ڪيو جنهن دوران رضوان احمد 45 اسڪول ڪيو.ٻئي اينڊ کان فواد عالم به پنهنجي ڪيريئر جي چوٿين ٽيسٽ سينچري مڪمل ڪري ورتي.جڏهن راند پوري ٿئي ته ان وقت پاڪستان جو اسڪور 6 وڪيٽن تي 374 هو، زمبابوي خلاف پاڪستان کي 198 رنز جي سرسي حاصل هئي.ان دوران فواد عالم جون 108 رنز ۽ حسن علي 21 رنز تي بيٺل هو، جڏهن ته زمبابوي طرفان ٽريپانو 3 وڪيٽون ورتيون.