پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتارين تي حڪومت پڇتائيندي: شيخ رشيد

0
151
عمران خان فوج ۽ حڪومت

اسلام آباد: اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شيرين مزاري جي گرفتاري تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته حڪومت پنهنجي لاءِ کڏ کوٽي رهي آهي

هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي ويو، حڪومت کي گرفتارين تي پڇتاءُ ٿيندو

شيخ رشيد شيرين مزاري جي گرفتاريءَ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت ويڙهه جو فيصلو ڪري چڪي آهي،اهڙن ٽڪساٽن سان پي ٽي آءِ جي تحريڪ ڪمزور نه، سگهاري ٿيندي

فواد چوڌري، شبلي فراز ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته شيرين مزاري کي اغوا ڪيو ويو آهي، حڪومت جنگ جو اعلان ڪيو آهي، ويڙهه ڪرڻي آهي ته هاڻي ويڙهه ئي ٿيندي، ڪا خبر ناهي ته شيرين مزاري کي ڪٿي رکيو ويو آهي، ظاهر ٿي ويو ته حڪومت وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي