پيپلزپارٽي کي تلوار چونڊ نشان ملي ويو، پ پ (شهيد ڀٽو) کي وڪٽري، استحڪام پارٽي لاءِ باز بدران جهرڪي نشان الاٽ

0
376
پيپلزپارٽي کي تلوار چونڊ نشان ملي ويو، پ پ (شهيد ڀٽو) کي وڪٽري، استحڪام پارٽي لاءِ باز بدران جهرڪي نشان الاٽ
پيپلزپارٽي کي تلوار چونڊ نشان ملي ويو، پ پ (شهيد ڀٽو) کي وڪٽري، استحڪام پارٽي لاءِ باز بدران جهرڪي نشان الاٽ

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پاران 23 سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن استحڪام پاڪستان پارٽي کي باز جو چونڊ نشان ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

 جهرڪي جو نشانو وٺڻ جي تجويز ڏيندي اليڪشن ڪميشن چيو ته استحڪام پارٽي باز جو نشان گهريو  آهي جيڪو آل پاڪستان مسلم ليگ وٽ آهي

اليڪشن ڪميشن آل پاڪستان مسلم ليگ کي باز جو نشان الاٽ ڪرڻ بابت فيصلو روڪي ڇڏيو آهي، آل پاڪستان مسلم ليگ لاءِ اهو چونڊ نشان انٽرا پارٽي چونڊ سان مشروط ڪيو ويو، آل پاڪستان مسلم ليگ 40 ڏينهن اندر انٽرا پارٽي چونڊ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي

اليڪشن ڪميشن پاڪستان پيپلزپارٽي (پي پي پي) کي تلوار جو چونڊ نشان الاٽ ڪري ڇڏيو، جي يو آءِ کي ڪتاب، رابطه جمعيت اسلام کي منڊي، جي يو آءِ نظرياتي کي تختي، جديد عوامي پارٽي کي هيلمٽ، الله اڪبر تحريڪ کي جڳ چونڊ نشان ڏنو ويو

پيپلز مسلم ليگ کي ڪپ، ڪسان اتحاد کي بالٽي، پاڪستان تحريڪ انسانيت کي چاقو، هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي چنڊ، پاڪستان عوامي ليگ کي هاڪي، پاڪستان امن تحريڪ کي ميزائل، تحريڪ تحفظ پاڪستان کي پستول چونڊ نشان الاٽ ٿيو

پاڪستان پيپلزپارٽي (شهيد ڀٽو) کي وڪٽري، تحريڪ درويشان پاڪستان کي واسڪٽ چونڊ نشان ڏنو ويو

سياسي جماعتن کي چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي درخواستن تي اليڪشن ڪميشن جي 4 رڪني بينچ نثار دراني جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪئي، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي درخواست تي فيصلو روڪيو ويو

پيپلزپارٽي جي جنرل سيڪريٽري پي پي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جو چونڊ نشان تلوار الاٽ ڪرائي ورتو آهي، بلاول ڀٽو کي ذوالفقار ڀٽو جي پارٽي جو نشان الاٽ ٿيڻ اعزاز آهي