رياست مدينه وارو خواب اڌورو رھجي ويو!

                 اقتدار جون واڳون سنڀالڻ کان اڳ مخالف ڌر ۾ ھوندي عمران خان ھميشه اھي دعوائون ڪندو ھو ته آئون اقتدار ۾ آيس ته ملڪ کي مديني جي رياست بڻائيندس، عوام کي رليف ڏيندس، 3 سال اڳ نواز حڪومت خلاف پوڻا چار مھينا عمران خان اسلام آباد ۾ ڌرڻو ھڻي ملڪ کي کربين رپين جو نقصان پھچايو، عوام جو ھمدرد سڏائيندڙ عوام لاءِ واڳونءَ وارا ڳوڙھا ڳاڙيندڙ عمران نيازي کي نيٺ 2018ع ۾ خلائي مخلوق جي مدد سان اقتدار مليو، اقتدار سنڀالڻ کان اڳ 50 لک گھر ۽ ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ سان گڏوگڏ عوام کي کوڙ سارا سبزباغ ڏيکاريا، گذريل 3 سالن کان عوام مٿان عمران سرڪار مڙھيل آھي، عمران نيازي عوام سان سان جيڪي واعدا ڪيا اھي واعدا سکڻا ثابت ٿيا، ملڪي تاريخ ۾ عمران نيازي مھانگائي جا رڪارڊ ٽوڙيا، گذريل 4 مھينن ۾ 8 ڀيرا پيٽرول جا اگھ وڌايا ويا، کنڊ، گيھ، اٽي سميت رومره وارين شين جي اگھن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي، ٽي سال پھرين نواز حڪومت ۾ موجوده حڪومت کان مھانگائي بنھ گھٽ ھئي، نواز حڪومت ۾ کنڊ 55 رپيا، پئٽرول 80 رپيا في ليٽر، گيھ 120 رپيا ڪلو ھو جڏھن ته ڊالر 70 رپيا ھو، نيازي سرڪار ۾ کنڊ  120 رپيا، گيھ 350 رپيا، پئٽرول 140، ڊالر 173 رپيا، اٽو 80 رپيا ڪلو ٿي ويو. عمران سرڪار جھڙي بدترين حڪومت ملڪي تاريخ ۾ ڪنھن به نه ڪئي آهي،. مشرف 11 سالن جي دور ۾ ھڪ رپيو مھانگائي نه ڪئي، نيازي سرڪار آمرن کان به بدتر سرڪار ثابت ٿي آهي، 500 رپيا ڏھاڙي ڪمائيندڙ مزدور آپگھات پيو ڪري. پنھنجا گرده ۽ ٻچا وڪرو پيا ڪن، نيازي سرڪار جون سموريون دعوائون کوکليون ثابت ٿيو آهن، سندس ملڪ کي رياست مدينه بڻائڻ وارو خواب پڻ اڌورو رھجي ويو. ھن وقت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مھانگائي جون دانھون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، ملڪ ۾ مھانگائي خلاف عوام پاران پاڻمرادو احتجاج شروع ڪيو آھي، ھرطرف “گو نيازي گو” جا نعرا پيا لڳن پر نيازي سرڪار پنھنجي ناڪامي مڃڻ بجاءِ مھانگائي عالمي سطح تي وڌڻ وارا بھانا پئي ڪري. نيازي سرڪار کي گھرجي ته مھل سان استيفيٰ ڏئي ملڪ عوام کي وڌيڪ امتحان ۾ نه وجھي ائين نه ٿئي جو عوام کيس زوريءَ پي ايم ھائوس مان تڙي ڪڍي.

اسماعيل بھلڪاڻي/ تنگواڻي

وڌندڙ مهانگائي ۽ ڪرپٽ سياستدانن جي خاموشي!

  بدقسمتيءَ سان ڪجهه سياستدانن کي ڇڏي باقي اڪثر سياستدان ڪرپٽ ۽ عوام دشمن ثابت ٿيا آهن، جن کي عوام ڪيترائي ڀيرا آزمائي چڪو آهي، هنن صرف پنھنجا پيٽ ئي ڀريا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي ملڪ ۾ ڪنهن به پارٽي وٽ اسٽريٽ پاور باقي ناهي رهيو. اهڙين حالتن ۾ عمران خان نون واعدن ۽ نونن ارادن سان ملڪي اقتدار تي آيو ته ماڻهن ھن کي سٺي موٽ ڏني، عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ ۾ ڪجهه ڳجھين قوتن جي مرضي به شامل هئي بهرحال عمران ملڪ جو وزيراعظم ته ٿي ويو پر ھن وٽ ڪا به ڪم ڪرڻ واري ٽيم نه هئي نه هن وٽ معاشي ماهر هئا نه ئي وٽن ڪو ويزن هو، سندس ڪابينا تي نظر وجهبي ته اهي ساڳيا ڪرپٽ ماڻهو جيڪي گذريل چاليهن سالن کان مختلف حڪومتن ۾ شامل رهيا آهن ساڳيا ماڻهو ڇا تبديلي آڻيندا نتيجي اکين جو اڳيون نُور به چٽ ٿي ويو، جي هنن وٽ هئا ۽ آهن ته صرف کُدو ڪلئي وارا احوال ۽ ڊاڙون آهن. ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، بيروزگاري ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، سرڪار جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، وزيراعظم بيوس بڻجي ويو آهي، سندس وزير کل جهڙا بيان ڏئي رهيا آهن، انهن حالتن ۾ به مخالف ڌر جو ڪو ڪردار ڏسڻ ۾ نٿو اچي، صرف رسمي بيان بازي ۽ بس. چوڻ وارا چون ٿا ته چون ٿا ته مخالف ڌر ڪرپشن جي ڪيسن ۾ رليف وٺي خاموشيءَ جو روزو رکي ڇڏيو آهي، عوام جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي، ڪرپٽ ۽ ڪمزور اپوزيشن جي ڪري عمران ليگ ڪمزور ٿيڻ بجاءِ مضبوط ٿي رهي آهي. گذريل ٽن سالن ۾ جنهن شرح سان مهانگائي وڌي آهي ان جو مثال گذريل سٺ سالن ۾ به نٿو ملي. هڪ طرف حڪمران پيا مسڪينن جو رت چوسين ته ٻئي پاسي واپاري رت پيا چوسين، ڪير پڇڻ وارو ناهي، عوام وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟

عبدالڪريم هالو/ ٻيلو، سجاول

ٿر ۾ آپگھات وارن واقعن جو اصل ڪارڻ!

  ڪجھ عرصي کان ٿرپارڪر ضلعي ۾ آپگھات جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، انھن واقعن کي ذھني توازن درست نه ھجڻ جو ليبل ھڻي ان آپگھاتن جي اصل حقيقت تي ڪک رکيا وڃن ٿا پر حقيقت ۾ ھر آپگھات نه پر قتل آهي، آپگھاتن جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، انهن ۾ تعليمي کوٽ، نشو، ناجائز لاڳاپن سميت اين جي اوز جي لون پروگرام به مک سببن ۾ شامل آهن، ان کان سواءِ مختلف معاملن ۾ انصاف نه ٿيڻ، حاصل مقصد بُک نٿي ماري، بُک جو احساس ماري ٿو پر سرڪار جي بيڌيانيءَ جي ڪري، انصاف ملڻ جو پري پري تائين آسرو نه ڏسندي، پنھنجي جيون ۾ ڪنھن به اداري کان بھتري جي پري پري تائين اُميد نظر نه ڏسي. سفارشي ڪلچر، رشوت خوري جيڪو اچي سڀ ھڙپ ٻه ويلا ماني جي سگھ نه رکندڙ ٿر ۾ ٿري جو ڪير به ناھي. اھي حڪومتي پاليسيون دعوائون سرزمين تي ڏسندئو سڀ ڌوڙ آھن. رليف جي ڪنھن کي ملي ٿو ته ماني مڇي واري کي، سرڪار ٻين سڀني حقن جو بول بالا ڪري ڇڏيو ٿر آهي جن جو مثال ٿر ۾ قائم اسپتالن، ڊسپينسرين ۾ بخار جي گوري ناھي، سياسي ڀوتارن ۽ انھن جي واٺن پاران ھر علائقي ۾ الڳ رياست ٺاهڻ جتي غريبن ۽ بي پھچ ٿرين جي عزتن، لڄن کي تار تار ڪرڻ ۽ انهن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ويڊيوز ڀرڻ اھي سڀ آپگھات جي روپ ۾ سڌا سنوان قتل آهن ۽ حڪومت کي انهن مسئلن جي حل لاءِ ويچار ڪرڻ گهرجي.

ابراهيم لنڊ /ٿرپارڪر، ڪلوئي

ڪجهه هوش ڪر

اي سنڌ جا جوڌا!

                 ڏٺو وڃي ته سڄي سنڌ وڪامجندي پئي وڃي، اسان پنهنجي ئي ڌرتي تي غير بڻجي ويا آهيون، اسان کي صرف لاش مليا آهن، ڪڏهن سنڌ جي دل ڪراچي مان ڳڀرو نوجوانن جا لاش ملن ٿا ته ڪڏهن وري حيدرآباد يا سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر مان سنڌ جي ڪونڌرن جا لاش ملن ٿا. اڄ تائين به اسان وڏيون وڏيون تاڙيون وڄائي ويهي اهي بحث مباحث ڪريون ٿا ته سنڌ ۾ حڪومت پ پ پ وارن جي آهي، جيڪي پڻ سنڌي آهن. هڪ ڳالهه ته سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين سان جيڪو غداري ٿو ڪري، غيرن جو ساٿ ٿو ڏئي يا پنهنجي سنڌي قوم تي هر طرح جو ظلم ٿو ڪري اُهو ڪڏهن به سنڌي نٿو ٿي سگهي. سنڌ ڌرتي تي رهندڙ اصل سنڌي اهو آهي جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ سان ۽ ان تي رهندڙ ماروئڙن سان محبت ڪري ٿو. اهي  قطعي به سنڌي ناهن، جيڪي غيرن سان گڏجي سنڌ ڌرتي ۽ هتي جي سنڌين سان ڏاڍ ۽ ظلم ڪن ٿا، جيڪو سنڌ جو غدار آهي اهو ڪنهن جو به يار ناهي. جيڪو هتي جي ثقافت، تهذيب ۽ ڌرتي واسين جو خيرخواهه ڪونهي اسان اهڙي شخص جي پوئلڳي ڀلا ڇو ڪريون؟ ان ڪري ڪنهن جو به نعرو هڻڻ کان پهرين پنهنجو پاڻ کان به سوال ڪريو ته ڇا اهو شخص توهان جي ۽ ڌرتيءَ جي حفاظت ڪري سگهي ٿو، ڇا اهو شخص توهان کي زندگي جا سڀئي بنيادي حق مهيا ڪري ڏئي سگهي ٿو؟ ڇا اهو شخص هن سنڌ جيجل ڌرتي ۽ ان جي رهواسين لاءِ وڏيون وڏيون قربانيون ڏئي سگهي ٿو؟ باقي اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي جيئي فلاڻو جيئي فلاڻو، لڳو پيو آهي، باقي ٻيو سڀ وڃي ٿيو خير. خدارا ڪجهه ته پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي نسلن جي لاءِ به سوچيو، پنهنجي زندگي ۾ جي ڪجهه به نٿا ڪري سگهو ته گھٽ ۾ گھٽ اهڙن ظالم ۽ اقتدار جي بکين ماڻهو جو ساٿ به سوچي سمجهي ڏيو.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول

ٻجورا ڳوٺن جي اسڪولن جو مرمتي ڪم ڪرايو!

  ھي تصوير ضلعي سجاول جي يوسي ٻيلو جي ڳوٺ حاجي پيرڏنو ٻجورو جي گرلس اسڪول جي آھي، ھي اسڪول ڳوٺ حاجي پيرڏنو ٻجورو ۾ ھئڻ سان گڏ اسڪول ابراھيم ٻجورو جي نالي پڻ سڃاتو وڃي ٿو. بدقسمتيءَ سان ھن اسڪول ۾ نياڻيون تعليم ته پرائين ٿيون پر ڪافي عرصي کان اسڪول جي مرمت نه ٿيڻ ڪري معصوم نياڻيون پڙھائي دوران ھر وقت اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ جي خدشي ۽ خوف ۾ ورتل ھونديون آھن، ڇاڪاڻ ته اسڪول جي ڇت جي حالت سڀني جي سامھون آھي. اڳ به چاپڙ ڪري چڪا آھن، گڏوگڏ ان جي ڀر ۾ ئي موجود بوائز پرائمري اسڪول آھي، جيڪو ٻن ڪمرن تي ٻڌل ھئڻ سان گڏ ساڳئي طرح ھي اسڪول به مرمت گھري رهيو آهي. ھڪ ته بوائز اسڪول جي چوديواري نه ھئڻ ڪري پري کان ڄڻ ڪا اوطاق جي عمارت جو ڏيک ڏيندي نظر ايندو پر ويجھي کان خبر پوندي ته ھي به اسڪول آھي. بھرحال ڳوٺ حاجي پير ڏنو ٻجورو جي گرلس پرائمري اسڪول سان گڏ بوائز پرائمري اسڪول کي مرمت ڪرائڻ سان گڏ فرنيچر پڻ گھربل آھي. ان ڪري سنڌ سرڪار سميت ضلعي سجاول جي مڙني وسوارن کي گذارش ٿي ڪجي ته مھرباني ڪري ڳوٺ حاجي پيرڏنو ٻجورو جي گرلس ۽ بوائز پرائمري اسڪولي عمارتن جي مرمت ڪرائي ڏيڻ سان ھتي گھربل فرنيچر جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ته جيئن معصوم ٻارڙا بغير ڪنھن خوف جي سٺي نموني تعليم پرائي سگھن.

رياض امر ٻجورو/سجاول

سنڌ سرڪار پاران اشتهارن ۾ اعلانيل نوڪريون ۽ بيروزگاري!

  هر سال نوجوان ڊگريون وٺي ملڪ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان فارغ ٿين ٿا، جڏهن ته هن ملڪ اندر حد درجي جي بيروزگاري آهي، حڪومت ۾ هوندي مختلف حڪومتون ڪڏهن نوڪرين جا اشتهار ڏئي سياسي ڀرتيون ڪري انهن کي روزگار ڏيڻ ٿيون، ان جو مثال ماضي ماضي ۾ ملي ويندو. 1988ع ۾ پ پ پ ملڪ اندر اقتدار ۾ اچڻ کان بعد حد درجي جي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏئي پنهنجا ماڻهو ايڊجسٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي، جنهن کان پوءِ مسلم ليگ (ن) به بلڪل ساڳي ريت ان ڳالهه تي عمل ڪيو جنهن به ملڪ ۾ سياسي ڀرتيون ڪري ماڻهن کي روزگار ڏنو ۽ پنهنجا ماڻهو اداري ۾ ايڊجسٽ ڪيا. 2008ع واري اليڪشن ۾ پ پ پ سنڌ توڙي وفاق ۾ حڪومت ٺاهي. 2009ع ۽ 2012ع ۾ مختلف کاتن ۾ پنهنجن ماڻهن کي ڀرتي ڪري انهن کي روزگار ڏنو. اها حقيقت آهي ته هن وقت پ پ پ جا ووٽر، ورڪر، ڪارڪن چونڊيل نمائندن جا واٺا توڙي چمچا ڪنهن نه ڪنهن نوڪري هجڻ ڪري برسر روزگار آهن. اهو به ڏٺو ويو آهي ته نوڪريون پئسن عيوض به وڪامجنديون رهيون آهن. هاڻي به سنڌ حڪومت طرفان هڪ کان چار گريڊ تائين جون نوڪريون ۽ انهن جا اشتهار اچڻ کان پوءِ اهي چونڊيل نمائندا ٻيهر پنهنجن پنهنجن حلقن اندر پنهنجن ماڻهن کي نوڪريون ڏئي ايڊجسٽ ڪرڻ ۾ وري ڪا ڪسر باقي نه ڇڏيندا. بلڪل ساڳي روايتن کي دهرائي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو ڪم پيا ڪن. هلو ڀلا ڪنهن نه ڪنهن ريت ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بعد انهن جي بيروزگاري ته دور ٿي. سنڌ ۾ 13 سالن کان حڪومت ۾ رهندڙ پ پ پ کي اهي ماڻهو ووٽ ڏيڻ سان گڏ انهن کان نوڪريون وٺڻ تائين هميشه جيان ڪامياب وڃن ٿا. باقي ويچارا اهي ڊگريون وٺي ويٺل سنڌ جا پڙهيل لکيل باشعور بيروزگار نوجوان سرڪار کي ڪيترو به ڳالهائڻ کان بعد اهو چوندا ضرور آهن ته انهن کي کپي ته سرڪاري نوڪري، ڇاڪاڻ ته لکيل پڙهيل ڊگريون هولڊر بيروزگارن کي روزگار فراهم ڪرڻ به انهيءَ سرڪار جو ڪم آهي جن کي روزگار فراهم ڪرڻ انهن جو بنيادي حق هوندو آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

لاوارث بڻيل سيوهڻ شهر!

  هونئن ته اسان جي شهر سيوهڻ جا هزارين مسئلا آهن پر هينئر اسان بنيادي سھولتن کا به محروم ٿيندا پيا وڃون، جھڙوڪ پاڻي کا محروم سيوھڻ جي ڪچي آبادي وانجھيل آهي، لودشيٽنگ، صفائي سٿرائي جو نطام به درهم برهم لڳو پيو آهي. سيوهڻ جي هر گهٽي ۾ ڪچري جا ڍير ڏسڻ ۾ ايندا، اسان وٽ گذريل هڪ سال کان روڊ جو ڪم به رولري جو شڪار آهي ۽ ون سائيڊ ٽريفڪ هجڻ جي ڪري حادثا پڻ روز جو معمول بڻيل آهن ۽ شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ڪروڙن جي بجيٽ سان سيوهڻ باءِ پاس کان ڌمال چوڪ تائين لڳل لائيٽون انتظامي بيڌياني جي ڪري ناڪارا بڻجي ويون آهن ۽ ڪروڙن جي لاڳت سان تيار ٿيل سيوهڻ مني اسٽيديم به مڪمل تباھ ٿي چڪو آهي. مون کي ته حيرت ٿي رهي آهي ته سيوهڻ سان اهڙي حالت هوندي به اسان جي شهر جا سياسي، سماجي اڳواڻ خاموش ڇو ويٺل آهن؟ هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هنن کي غريبن جي مسئلن ۾ ڪا دلچسپي ناهي يا وري اليڪشن جي وقت تي هي وري سرگرم نظر ايندا. اصل ۾ هنن مسئلن تي روشني وجهڻ صحافين جو ڪم آهي پر هينئر هنن جي ذاتي دلچسپي نه هجڻ جي ڪري هي بنگلن ۾ سمهڻ کي اوليت ڏئي رهيا آهن، ڪيتري نه حيران ڪندڙ ڳالھ آهي جو اڄ اسان پنهنجا حق وٺڻ کان به دڄي رهيا آهيون جو متان ڪٿي ڪوڙي ڪيس ۾ نه ڦاسايو وڃي، جي جي اڃا به اسان پنهنجي خاموشي کي نه ٽوريو ته ان جو نتيجو اسان جي نوجوانن جي مستقبل لاءِ تمام گهڻو ڀيانڪ هوندو، دنيا جي مشهور ڏاهي جا لفظ آهن ته “اڄ قبرستان ۾ اهي ماڻهو به دفن ٿيل آهن جيڪي پنهنجي دور ۾ حق وٺڻ کا ڊڄندا هئا، متان ڪٿي مري نه وڃون، پوءِ آخر اهي به هي جهان ڇڏي ويا.

فياص حسين منگواڻو/سيوهڻ

شاگردن جا مسئلا، مستقبل جا فيصلا!‎‎

  اڇڙي ٿر جي ڳوٺ راڻاھو ٺاڪر ۾ فور جي سروس ڪٽڻ تي ناروي ڪمپني جي صاحبن کي مبارڪون، گذريل ھفتي ڳوٺ ۾ امرڪوٽ ۾ ناروي ڪمپني وارن ڳوٺاڻن ۽ اُتي موجود گارڊن کان پڇا گاڇا بنا فور جي سروس ڪٽي ويا آھن. جڏھن انھن گارڊن کان پڇيوسين ته انھن کي ڪا به خبر نه ھئي، ته فور جي سروس ڪھڙي مسئلي جي ڪري ڪٽي وئي آھي. ايئن بنا ڪنھن سبب سروس ڪٽڻ مان ڇا مراد؟ جڏھن ته ٿر ۾ پنھنجي سروس کي بحال ڪرڻ لاءِ ته ڪمپني مھانگي ھئي. ھاڻ مفاد پرستي جي ڍڍي تي نه چڙھڻ گھرجي! جديد دور ۾ دنيا ترقي ڪري ھر ناممڪن شيءِ کي ممڪن بڻايو  آھي، اسان اڃا بنيادي سھولتن کان به محروم آھيون، پاڪستان کي دنيا جي مقابلي ۾ اچڻ کي اڃا سئو سال لڳي سگھن ٿا، جھڙا ھي ھمدرد آھن، اھڙي حساب سان اسان کي به پاڪستان جي ڀيٽ ۾ اچڻ تي سئو سال ته پڪا لڳي ويندا. جنجنٽ کان بچايو، اسان کي پنھنجا بنيادي حق فراهم ڪيو. جڏھن ته اسان اتي موجود چوڪيدران کان معلوم ڪيو آھي، انھن ڄاڻايو ته جنريٽير ۾ پيٽرول جي وڌيڪ استعمال جي ڪري سروس ڪٽي وئي آھي. اھو ڪو خاص سبب ڪونھي…عمرڪوٽ واري ڪمپني وارا سهڪار نه پيا ڪن، جڏھن مٿي دانهن ڏني ته اھي وري فرمائن پيا، توھان ئي دانهن ڪري سروس ڪٽرائي آھي، عمرڪوٽ وارا رابطي ۾ ناھن. ڪورونا وبا سبب پوري ملڪ جا سرڪاري توڙي خانگي ادارا اڃا تائين ڪلاس آنلائين پيا ھلائين. ٿر ۾ صرف ھڪڙي ئي سروس موجود آھي، اھو به ھل ته اچان! انھن جي لاپرواھي جي ڪري شاگرد سخت پريشان آھن. ٻن ھفتن کان ڪلاس وٺي نه پيا سگھن. مھرباني ڪري جلد کان جلد  لاڳاپيل آفيس سان رابطو ڪيو وڃي ته جيئن هتان جو ڪميونيڪيشن جو نظام نئين سر معمول تي ھلي سگھي.

سريندر راجپوت/سنڌ يونيورسٽي

يوسي گھڙو جي تازي بجيٽ تي هڪ نظر!

  تازو سوشل ميڊيا تي يوسي گھڙو جي بجيٽ ظاهر ٿي، جنهن ۾ جيڪي ترقياتي اسڪيمن جا پئسا رکيا ويا آهن جيڪي صرف ڪاغذن ۽ بلن جي پورائي لاءِ رکيا ويا آهن، هن يوسي جي بجيٽ ۾ جيڪي ترقياتي رٿائن جا پئسا رکيا آهن اهي رٿائون هن ريت آهن. نمبر 1 وڻن جي پوکائي لاءِ ٻه لک رپيا، (2) سولر پينل ۽ گھٽين جي بتين لاءِ 20 لک رپيا، (3)مٽي جي ڀرائي ۽ ڪچا پاڻي جا تلاءَ ۽ ڪچا رستن لاءِ 10 لک رپيا، (4) ڳوٺن ۾ سرن جون پڪيون گھٽين لاءِ 10 لک رپيا، (5) لائبريري جي لاءِ 2 لک (6) برسات جي پاڻي جي نيڪالي لاءِ 10 لکم (7) عالمي ڏينهن ملهائڻ لاءِ پڻ 10 هزار رکيا ويا آهن، هيءَ بجيٽ هر سال تي منظور ٿيندي آهي، هن بجيٽ ۾ پئيڻ جي پاڻي جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي، يوسي گهڙو جو سڀ کان وڏو مسئلو پييئڻ جو پاڻي آهي، هن بجيٽ ۾ اهڙيون رٿائون رکيون ويون آهن جن جا بل سولائيءَ سان ٺاهي سگھجن، جن ۾ لائبريريون ڪٿي ٺهنديون، وڻن جي پوکائي لاءِ رقم رکي وئي آهي، وڻ اسان وٽ بهار جي موسم ۾ پاڻ ٿيندا آهن، رڳو سنڀال اسان ڪريون وڌي وڃن، هيستائين ڪا به مٽي جي ڀرائي اسان نه ٻڌي آهي، هي سڀ نه ڏسڻ واري بجيٽ آهي. اسان لوڪل گورنمنٽ جي سيڪريٽري کان مطالبو ٿا ڪيون ته يوسي جي هن بجيٽ تحت خرچ ٿيل رقم جي تحقيقات ڪري ۽ هن سال جي بجيٽ تي نظرثاني ڪري عوام جي فائدي واري ترقياتي رٿائن لاءِ رقم رکي وڃي.

ولي نوحاڻي/ يوسي گھڙو

زندان جي جھروڪن مان!

  هميشه جيان منهنجي ملاقات اڄ به دير سان آئي، سو تڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا بدلائي منشي امام الدين قمبراڻي سان ملاقات روم تائين ويس، جتي منهنجي نظر پنهنجي والد صاحب تي پئيم، باب سائين گڏ امڙ به آيل هئي، جن سان منهنجي گھڻي ڪچهري ٿي، امڙ کان کوڙ ساريون دعائون پنهنجي لاءِ پنهنجي ڀاءُ آصف ڇلگريءَ لاءِ ورتيون ڇو ته امڙ جي دعا جنت جي هوا برابر هوندي آهي، انهيءَ لاءِ اڪثر ملاقات دوران امڙ کي پنهنجي ۽ آصف ڇلگريءَ لاءِ دعائن جو چوندو رهندو آهيان، اڄ ملاقات دوران بابت مون کي ٻڌايو ته ڪجھه ڏينهن اڳ اي ايس آءِ منظور چانڊيو مون کي خميسي بروهي جي دڪان تي مليو، جنهن مون کي هٿ ڏيڻ جي ڪئي پر مون سندس هٿ نه ورتو. ڇو ته هن ظالم چند رپين جي چرڪ ۾ توکي بيگناهه قتل ۾ ڦاساهيو هو. سو آئون ڪيئن ٿو ان ظالم جو هٿ وٺي سگھان، بابا سائين جون اهي ڳالهيون ٻڌي مون کي هڪ پل لاءِ کِل وٺي وئي ۽ کلي بابا سائين کي چيو ته بابا سائين منهنجو نصيب هو جيل اچڻ ۽ جيل جون چوديوارون ڏسڻ، مون کي خبر آهي ته منظور چانڊيو کي ان مان ڪجھه به نه مليو هوندو، سواءِ ان جي شاباس جي جنهن کيس مون کي ڦاسائڻ لاءِ پئسا ڏنا هوندا. اهو سدائين سورن ۾ ئي هوندو، منهنجي گھر کي تباهه ڪرڻ سان سندس گھر ضرور ٺهيو هوندو. بابا سائين کي سمجھائيندي چيو ته هاڻي منظور توهان کي ملي ته هٿ ڏجوس، ڇو ته انصاف فقط رب تعاليٰ جي ذات وٽ آهي. هڪ ڏينهن اهو ئي منهنجو انصاف ڪندو، پاڻ ڪنهن کي ڇاٿا ڪري سگھون. مون کي ٻڌرائڻ ۾ صرف اي ايس آءِ منظور چانڊيو جو هٿ ناهي، پنهنجن سان گڏ کوڙ سارا ٻيا به ملوث آهن، جن مون کي ڪوڙين شاهدين تي سزا ڏياري جن ڪوڙ کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو، هنن آفيسرن مان ڪجھه ته بيمارين وسيلي مري ويا، باقي جيڪي آهن انهن جو انجام به ويجھو آهي. پريشان نه ٿيو رب پاڪ جلد انصاف ڪندو اهو چئي بابا ۽ امڙ کان موڪلائي امير بخش راڄر وٽ آيس، جتي چانهن پي پنهنجي کولي ۾ آيس، جتي منهنجا هانڊيوال علي نواز لغاري ۽ در محمد لغاري انتظار ڪري رهيا هئا.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

ماروي ايڪسپريس بحال ڪرائي عوام جون دليون کٽيون ويون!

  جهان کي ڏيو مبارڪون، اسين پيا ڪاهيندا اچون. 24 مارچ 2020ع تي ڪورونا وبا جي ڪري بند ٿيل ماروي ايڪسپريس ٻيهر کولڻ لاءِ هر اسٽيشن جي ماڻهن گھڻي جهدوجد ڪئي پر ڪو به ٻوٽو نه ٻاري سگهيا، آخر وزيراعظم جي خاص صلاحڪار اڳوڻي وزيراعلي سنڌ ارباب غلام رحيم صاحب اهو ڪريڊنٽ کنيو ۽ ماروي ايڪسپريس ٻيهر بحال ڪرائي، عوام جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، ڇور اسٽيشن تي پاڪ آرمي جي جوانن استقبال بينڊ باجن سان ۽ پوري اسٽيشن کي سيگاري ڪيو ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ماروي ايڪسپريس جڏهن اڳين اسٽيشن نيوڇور تي پهتي نيوڇور جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ارباب غلام رحيم جو ٻڌي نيوڇور جي عوام جو سمنڊ ريلوي اسٽيشن تي اٿلي پيو، يقين هن ڪم کان پوءِ ارباب غلام رحيم عوامي دلين ۾ هوندو جنهن ٽرين بند ٿيڻ کان پوءِ عوام کي پريشاني جي ورھ چاڙهي ڇڏيو هو، واپسي کولڻ جو نالو نه پئي ورتو ويو، اها ٽرين ارباب غلام رحيم جي ڪوششن سان ٻيهر کولي نيوڇور توڙي کوکڙاپار کان ميرپور خاص تائين جيڪي به اسٽيشنون وچ ۾ اچن ٿيون اتي ارباب غلام رحيم کي بهترين موٽ ملي. ارباب غلام رحيم هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي دلين ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.

ڪاشف ڪنڀر/نيوڇور