اشو آف دي ڊي سنڌ جا استاد ڀنگوڙي ۽ چرسي آهن خرم شير زمان جي بيان تي سوشل ميڊيا تي ڪاوڙ جو اظهار، معافي جو مطالبو

0
209

 پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ايم پي اي خرم شير زمان پاران سنڌ جي استادن کي ڀنگوڙي ۽ چرسي چوڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ خرم شير زمان جي بيان جي مذمت ڪئي وئي.

ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر سرمد سهارڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان سنڌ جي سمورن استادن کي جنسي مريض، چرسي ۽ ڀنگوڙي قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن تي حالد حيدر افسوس جو اظهار ڪيو، محسن رند لکيو ته سمورا نه باقي 75 سيڪڙو ضرور آهن، فاضل چنا لکيو ته ڪنهن قدر درست به چوي پيو، معشوق علي ۽ امتياز ناهيون لکيو ته سڀ هڪ جهڙا نه آهن،

فقير محمد وفائي لکيو ته ڪجهه سچ آهي ڪجهه ڪوڙ، ممتاز ميراڻي لکيو ته ڪافي حد تائين ايئن ئي آهي، سرور سنڌي لکيو ته ڪافي حد تائين صحيح ٿو چوي، اياز لغاري، اويس ملاح، طاهر خان خرم شير جي بيان جي مذمت ڪئي، واحد بخش ترڪ لکيو ته هڪ ٻن جي غلطي تي سموري سنڌ جي باڪردار ۽ باوقار استادن خلاف نه ڳالهائڻ گهرجي، سراج احمد ڪلهوڙو لکيو ته هي ڪٿان اچي پ پ جي نالائقي جي ڪري سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻجي ويو آهي،

زاهد ڪاڪا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  استاد مقدس پيشي جا سرواڻ آهن جيڪي پنهنجي فرض جي ادائگي سان گڏ سياسي جماعتن کي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. سنڌ جي استادن کي چرسي ۽ڀنگواري قرار ڏيندڙ خرم شير زمان سياسي نابالغ آهي. پي ٽي آئي جي قيادت کي سندن ايم پي اي جي ان ڪريل حرڪت۽ ڇڙواڳي جو جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

اي بي سومرو، حاجي خير محمد ڏاهري، عبدالحفيظ راهو، ڊي ڪي ڪاڪا به اهڙي بيان جي مذمت ڪئي. محمد صفدر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تحريڪ انصاف اڳواڻ خرم شير زمان سنڌ جي استادن کي ڀنگوڙي ۽ چرسي قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ سرڪار ڀنگ ۽ چرس پيئندڙ کي استاد بڻائي ڇڏيو آهي،  جنهن تي منير سبزوئي لکيو ته اها ڳالهه درست آهي،

رياض احمد سيواهاڻي، علي نواز لاکو، اي بي حميد سولنگي، نثار اڄڻ خرم شير جي بيان جي مذمت ڪئي، وقار علي، جي آر عمراڻي، جبار اي جويو خرم جي بيان کي درست قرار ڏنو. هڪ ٻي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي بشير محمد لکيو ته ڪجهه شرم ڪريو ڪوئي توهان جو به استاد هوندو، بشير ابڙو، ذوالفقار ڪولاچي، ممتاز نصيراڻي، هيرجي سوڍا، به خرم جي بيان جي مذمت ڪئي، احمد مغيري لکيو ته هن حڪومت وارا رڳو بد اخلاق بيان ڏيندا آهن، نور بلوشي لکيو ته سڀ نه پر ڪجهه آهن،

رضوان عباسي لکيو ته ان کان آءِ بي اي واري ٽيسٽ ته وٺوس، اڪرم جان لکيو ته پهريان اهو پنهنجي جيءِ ۾ جهاتي پائي ڏسي. عبدالقدير ڏاهاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خرم شير زمان جلد کان جلد سنڌ جي استادن کان معافي وٺي ٻي صورت ۾ ان خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، امام نواب ڏاهاڻي، الاهي بخش ڪنگو، عابد ڏاهاڻي، عبدالقدير چانڊيو به بيان جي مذمت ڪئي. خادم گهراڻو لکيو ته پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان جيڪي استادن خلاف گٿا لفظ ڳالهايا آهن انهن جي مذمت ڪجي ٿي ۽ هو استادن کان معافي وٺي.

بلاول لاکو به پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته خرم شير زمان چوي ٿو ته سنڌ جا استاد ڀنگوڙي ۽ چرسي آهن.صدام حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خرم شير زمان سنڌ جي استادن کي ڀنگوڙي ۽ چرسي قرار ڏئي ڇڏيو، سيد ڪاظم رياض لکيو ته هن غلط چيو آهي ان کي گاريون ڏيون ته اسان ۾ ۽ هن ۾ ڪهڙو فرق رهجي ويندو، نثار ملڪ لکيو ته هن کان پڇو پاڻ کي ڇا ايندو آهي،

عبدالرحيم بلوچ لکيو ته بلڪل آهن وياجي به آهن، ڪڪڙن جا شوقين به آهن اهي استادي وارو پيشو لڄائن ٿا. شڪيل احمد لکيو ته اڃا ڌارين جي پويان هلو، امداد حسين لکيو ته استاد محترم آهن، خالد مشوري، واجد علي عباسي، علي نواز، محمد علي، امداد حسين، عزيز چنا ۽ ٻين به خرم شير زمان جي بيان جي مذمت ڪئي.