لاهور (م ڊ) پنجاب جي بجيٽ جو ڪاٿو 2400 ارب کان وڌڻ جو امڪان آهي، ترقياتي بجيٽ 600 ارب کان وڌيڪ ۽ غيرترقياتي بجيٽ 1350 ارب رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ڪمند جي خريداري لاءِ 400 ارب رپيا رکيا ويندا، ٽيڪسن ۾ ردوبدل جو امڪان آهي، پينشن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس جو فيصلو وفاقي حڪومت جي فيصلي تي ڇڏيو ويو.