پاڻي جي لاءِ پياسا آبادگار

0
192
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

وشال ريٻاري ملڪاڻي شريف  مان لکي ٿو

هر ملڪ رياست پنهنجي عوام کي صحت، تعليم،  پاڻي،  روزگار  ڏيڻ جي ذميوار ۽ پابند هوندي آهي پر سنڌ ۾ اهي ذميواريون حڪمران وساري ويٺا آهن. اسڪولن جون عاليشان عمارتون وڏيرن جا واڙا ۽ اوطاقون بڻيل آهن. صحت مرڪزن تي پيٽ جي گوري ملڻ مشڪل عملو غائب ۽ پوڇڙ جي علائقن ڳوٺن شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي انهن علائقن جي ماڻهن جون آهون ۽ دانهون سوشل ميڊيا پرنٽ ميڊيا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي روز جو معمول بڻيل آهن. روزگار جي ڳالهه ڪجي ته پڙهيل لکيل  بيروزگار نوجوان روزگار جي تلاش ۾ يا ته دڪا ٿاٻا کائي  سر تغاري جي ڪم سان لڳل آهن ته ڪيترائي خاندان جا سهارا بيروزگاري جي باهه ۾ سڙي پنهنجو انت آڻڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ملڪن جي ترقي ۽ سڌاري جو دارومدار زراعت تي هوندو آهي ملڪن جون حڪومتون زراعت طرف وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏئي زراعت ۽ زرعي طبقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سهوليتون ڏئي پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪن ٿيون پر سنڌ جي زراعت کي ڏينهون ڏينهن تباهه ڪرڻ لاءِ حڪمرانن پنهجي وسان نه گهٽايو آهي. خاص ڪري پوڇڙ جي علائقن ۾ ڪاري ڏڪار جا ذميوار اهي حڪمران آهن جيڪي مٿان کان ايندڙ پاڻي پنهنجي خاص منسٽرن وڏيرن ڀوتارن جاگيردارن کي ڏئي انهن کي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ وڌائي پوڇڙ جي غريب آبادگارن کي مرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن.

اهڙن علائقن ۾ آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنبوه به شامل آهي جتي اٽڪل پندرنهن سالن کان پاڻي کي مسلسل اغوا ڪري کوٽ ڄاڻائي بند ڪري علائقي جي معيشت کي تباهه ڪري زرعي طبقي سان وابسطا خاندانن کي مفلسي بک بيروزگاري جي باهه ۾ ساڙيو پيو وڃي. آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنبوه جي سترنهن شاخن کي روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ نصير واهه پاڻي جي فراهمي ڪري ٿو. انهي نصير واهه مان اٽڪل پنجن سالن ۾ 65 ڊائريڪٽ ڊي او واٽرڪورس نڪرڻ کان پوءِ پوڇڙ جي تباهين جون سلسلو شروع ٿيو. اهي واٽرڪورس انهن حڪمران ڌرين جي وزيرن ۽ وڏيرن جا آهن جيڪي ڏينهن رات بنا ڪنهن واري جي پاڻي وهائيندا رهندا آهن جنهن واٽرڪورسن اڳيان آبپاشي کاتو ايئن بيوس بڻيل آهي جيئن شينهن اڳيان ٻڪري مجبور هوندي آهي. اتان کان گذرڻ وقت آبپاشي عملدارن کي به اکيون بند ڪرڻيون پون ٿيون اتي پوڇڙ جي آبادگار جو پهچي دانهون ڪرڻ موت جي برابر آهي. آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنبوه جي سترنهن شاخن جرڪس، کوسڪي، ٻنگار آئلپور، باگومائينر، بصران ون، بصران ٽو، خيرپورشاخ، سنهڙي شاخ، علي آباد آمرلو ۽ ٻين شاخن تي اٽڪل ڏهه سال اڳ ۾ جتي مرچ ڦٽي ڪمند ڪيلا ڪڻڪ باغ ۽ سرسبز کيتن جون اسٽيٽون پوکيل هونديون هيون اتي اڄ انهن زرخيز زمينن تي ديوين جا وڻ جهنگ ڪرڙ ڪانڊيرا بنجر ٿيل ڀڙڀانگ ۽ ڪاري ڏڪار جهڙا منظر آهن.

زرعي فصل ته پوکجڻ ماضي جو قصو بڻجي ويو پر ڄاڻايل شاخن جي پوڇڙين تائين مسلسل ڪيترن ئي سالن کان پيئڻ جو پاڻي به  اڻلڀ ٿي ويو آهي جتي انسان جانور پکي پکڻ جهنگلي جيوت ساهواريون شيون پنهنجي زندگي کي ڪجهه ڏينهن وڌيڪ گهارڻ لاءِ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڀٽڪڻ ۽ واجهائڻ تي مجبور آهن. “پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن” مٿي واهن جو پاڻي مڇي جون ڍنڍون ڍورا ڪيلا ڪمند سارين کي آباد ڪري پيو پر انهن واهن جي پوڇڙ جي علائقن ۾ پاڻي هڪ خواب بڻيل آهي. انهن علائقن جي زرعي معيشت تباهه ٿيڻ ڪري لاڳاپيل شهرن جو ڪاروبار زندگي به تباهه ٿي مفلوج بڻجي وئي آهي. شهرن ۾ ويراني واڪا ڪري رهي آهي. علائقي جي هاري ناري زميندار آبادگارن پورهيتن مزدورن کان سڀ خوشيون رٺل آهن. شاديون ۽ مراديون عيد براد رسم ڪرڻ تائين محدود بڻيل آهن. مالوند طبقو چوپائي مال جي اڃ وگهي مرڻ جي ڪري ڪنگال بڻجي ويو آهي، مٿي بااثر طاقتور جاگيردار پنهنجي پئسي جي طاقت سان واهن جا وارث بڻجي جاگيرون آباد ڪري شهرن ۾ بنگلا وٺي عيش عشرت ڪن پيا انهن جا ٻار وڏن مهانگن اسڪولن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري ڊگريون کڻي اوچن مقامن ۽ عهدن تي پهچن پيا  پر پوڇڙ جي پنجاهه ايڪڙن جي آبادگار کان وٺي پنجن ايڪڙن واري آبادگار جا حال اهي هيڻا فاقاڪشي جي عالم ۾ زندگي جا ڏينهن ڳڻي ٿو. انهن جا ٻچڙا  وڏين يونيورسٽين ۽ اعليٰ ادارن جي تعليم ته پري پر پرائمري تعليم جي لاءِ به واجهائين پيا، انهن معصومن جو مستقبل مال چارڻ ڪاٺيون ڪري وڪڻي گهر جو گاڏو هلائڻ سبب تباهي جي طرف تيزي سان وڌي پيو. آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنبوه جي جڏهن شاخن جو پاڻي اغوا ٿيو تڏهن کان آبادگارن جي تنظيم سنڌ آبادگار تنظيم وجود ۾آئي جيڪا اڄ ڏينهن تائين پنهنجي چوري ٿيل پاڻي جي بازيابي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهي.

ملڪاڻي شهر کان اسلام آباد تائين آبادگارن هارين پورهيتن جي لانگ مارچ ڪري ريڊزون ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري لاڳيتو مهيني جي مسلسل جدوجهد کان وٺي بدين سينٽرل جيل جي گيٽ اڳيان احتجاج ڪري ڪراچي بدين جهڏو روڊ بلاڪ ڪرڻ تائين ملڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي ننڍن وڏن شهرن جي شٽربند هڙتالن کان وٺي تتل اس ۽ سخت سردين ۾ روڊن تي ڏينهن رات ويهي پيئڻ جي پاڻي جون پڪارون ڪندي هي آبادگار تنظيم مسلسل نظراچي رهي آهي پوءِ هتان جي غريب آبادگارن کي ڪڏهن چونڊيل نمائندن ڪوڙا واعدا ڪري پاڻي ڏيڻ جا ڏٽا ڏئي اٿاريو ته ڪڏهن آبپاشي عملدارن شاخن کي پاڻي ڏيڻ جا قسم قول ڪري آبادگارن کي ماٺ جي گوري ڏئي چپ ڪرايو  پر پوءِ به اهي آبادگار چپ نه ويٺا اڄ به پاڻي جون پڪارون  ڪندي آبپاشي عملدارن ۽ پاڻي چورن کي رب جي بارگاهه ۾ پٽون پاراتا ڏيندي نظر اچن ٿا.

هتان جا علائقي واسي  حڪمرانن کي فقط انهي لالچ ۽ مفاد خاطر ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ٿا ته بس پاڻي ڏنو وڃي اسان کي ڪي به نوڪريون نٿيون کپن بس پاڻي ڏنو وڃي جنهن سان اسان پنهنجي ٻچڙن جو مستقبل ۽ نسل بچائي پنهجي روزي روٽي جا مالڪ بڻجي سگهون پر اهو به حڪمران ۽ چونڊيل نمائندا ٻڌڻ ۽ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.  آبادگارن جي مسلسل احتجاج تي ملڪ جي وڏي عدالت سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي آبپاشي عملدارن کي گهرائي پاڻي ڏيڻ جو پابند ڪري حڪم ڏنا هئا پر آبپاشي عملدارن ۽ پاڻي وهائيندڙ جاگيرادرن اڳيان اهي ڪورٽ جا حڪم به ڪاغذن تائين محدود رهيا، اڃايل آبادگار حسرت جي نگاهه سان ڏسندا رهيا.   هتان جي هر ماڻهو جو بس اهوئي مقصد ۽ گهرج آهي ته بس پاڻي ملي وڃي.  هتان جي آبادگارن علائقي واسين آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنبوه جي آبادگارن  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، وزيراعظم، وزيراعليٰ سنڌ، آبپاشي وزير کي اپيل ڪئي آهي ته پيئڻ جو جوپاڻي ڏئي مرڻ کان بچايو وڃي.