راولپنڊي (م ڊ) جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي 17ھين سربراھ جي ڪمان سنڀالي ورتي آھي، جي ايچ ڪيو راولپنڊي ۾ پاڪ فوج ۾ ڪمان جي تبديلي جي تقريب ٿي، جنهن ۾ مهمان خاص رٽائر ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا هو، تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي، هٿياربند فوجن جا سربراهه، سينيئر حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن، سندن فيمليز کانسواءِ وفاقي سيڪريٽريز به شرڪت ڪئي، جڏهن ته گهرو وزير رانا ثناءُ الله، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وزير اسحاق ڊار ۽ اطلاعات جي وزير مريم اورنگزيب به تقريب ۾ شريڪ هئا، تقريب جي شروعات ۾ پاڪ فوج جي رٽائر ٿيندڙ جنرل قمر جاويد باجوا ۽ نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير پھرين شھيدن جي يادگار تي حاضري ڏني، جتي شھيدن جي يادگار تي گل جي چار چاڙهي ۽ شھيدن جي مغفرت لاءِ دعا گھري، جنهن بعد پاڪ فوج جي بينڊز قومي تراني ۽ ملي نغمن جون ڌنون پيش ڪيون ۽ قومي جهنڊي کي سلامي پيش ڪئي، تقريب ۾ مهمان خاص جنرل (ر) قمر جاويد باجوا پاران نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير سان گڏ پنڊال ۾ آمد تي کيس گارڊز سلامي ڏني، جنهن بعد قرآن پاڪ جي تلاوت سان تقريب جي شروعات ٿي، جنهن بعد جنرل قمر جاويد باجوا کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، رٽائر ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا فوجي ڪمان جي علامي سمجهي ويندڙ ملاڪا اسٽڪ اعزازي شمشير يافته جنرل عاصم منير حوالي ڪئي ۽ کيس ڀاڪر پائي مبارڪباد ڏني. فوج جي ڪمان سنڀالڻ بعد جنرل عاصم منير پاڪ فوج جو 17 هون آرمي چيف بڻجي ويو،