پاڪ فوج عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن گهربل ۽ ضروري سهڪار مهيا ڪندي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس اهم ۾ فيصلو

0
43

پاڪ فوج عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن گهربل ۽ ضروري سهڪار مهيا ڪندي، آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس اهم ۾ فيصلو، پاڙيسري ملڪ ۾ دهشتگرد گروپس جون محفوظ پناهگاهون هجڻ تي ڳڻتي ظاهر، پاڙيسري ملڪ مان دهشتگرد ڪارروائيون ۽ دهستگردن کي جديد ترين هٿيارن جي فراهمي سيڪيورٽي لاءِ خطرو قرار، آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته دشمن قوتن جي اشارن تي ملڪ کي غيرمستحڪم ڪندڙ دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي رياست پوري طاقت سان منهن ڏيندي، فورم ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي همٿائڻ لاءِ جاري ڪوششن جي حمايت جو اظهار، اسمگلنگ، مني لانڊرنگ، بجلي چوري ۽ ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائين جو جائزو ورتو ويو، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ غزه ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي به مذمت