پاڪستان ۾ مذهبي انتهاپسندي جو بڻ بنياد ۽ وڌندڙ رجحان

0
284
پاڪستان ۾ مذهبي انتهاپسندي جو بڻ بنياد ۽ وڌندڙ رجحان

گڏيل هندستان ۾ برطانوي راڄ دوران سماجي اڻبرابري ۽ سياسي مرڪزيت واري رجحان جي خلاف مسلمان اڪثريت آبادي وارن قومن ۾ جديد قومپرستي واري سوچ بجاءِ اسلامي بنيادن تي قومي تصور پيدا ڪيو ويو. جنهن جو مکيه ڪارڻ هندستان ۾ انگريزن جي طرفان مذهبي بنيادن تي ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو وارو نسخو هو. انهي وقت کان وٺي اسلام کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. انهي دور ۾ به جيڪي ديني عالم مذهبي جماعتون هيون اهي اسلامي قومپرستي جي نالي تي پاڪستان جي نالي سان ملڪ جي قيام جون حمايتي ڪونه هيون. پاڪستان جي قائم ڪرڻ جي لاءِ انهي وقت جي مسلمان سياسي سوچ رکندڙ قيادت پنهنجي سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهي دڳ تي هلي ملڪ ته ٺاهي وڌو پر هن وقت اهو پاڪستان اسلام جي تصور کان وڌي اسلاميت واري رستي ڏانهن گامزن آهي. پاڪستان جي اندر شرعي نظام جي افغانستان جي طرز واري حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ اهي گروپ سرگرم عمل آهن جن کي ڪنهن دور ۾ انهي لاءِ تيار ڪيو ويو ته اهي پاڪستان جي نظرياتي تحفظ ۽ سرحد پار ڪافر ملڪن يا ڪافرن سان جهاد ڪندا.  محمد علي جناح پاڪستان کي هڪ جديد سياسي نظام واري ملڪ طور جديد دنيا جي نقشي تي بيهارڻ جي جيڪا ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي تقرير ڪئي هئي اها جناح صاحب جي دفن ٿيڻ بعد انهي سان گڏوگڏ دفن ٿي وئي. انهي بعد پاڪستان جي رياست کي گهڻ قومي جمهوري رياست جي ڍانچي طور تشڪيل ڏيڻ جي بجاءِ انهي کي مملڪتِ خداداد يعني الله تعالي جي طرفان خلقيل هڪ اهڙي رياست قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا اقبال جي شاهين جي تصور  تي مشتمل هئي.

پاڪستان کي اسلامي نظرياتي رياست ٺاهڻ جو منصوبو هتي جي قومي، جمهوري ۽ عوامي سياسي سوچ رکندڙ ڌرين، جماعتن يا قيادتن جو نه هو، پر  لياقت علي خان جي قراردادِ مقاصد جي ذريعي هن ملڪ کي اسلامي نظرياتي ملڪ طور دنيا جي نقشي تي اڀارڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي وئي انهي پٺيان اسلامي نظريات جي بنياد تي پاڪستان ۾ شامل قومي وحدتن کي دٻائي انهن تي پنجاب جي حڪمراني قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبابندي پڻ هئي. اسلامي نظرياتي سوچ جي بنياد گهڙڻ جي لاءِ هڪ طرف اسڪولي نصاب جي تشڪيل ذريعي سموري وفاق جي قومن کي هڪ ٻولي ۽ هڪ مذهب جي بنياد تي جبري طور پاڪستاني قوم بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تعليمي نصاب ۽ رياستي نظام کي اسلامائيزيشن طرف ايترو ته وڌايو ويو جو ذوالفقارعلي ڀٽو جي طرفان ڏنل ملڪ جو پهريون آئين به اسلامائيزيشن جي ور چڙهي ويو. انهي آئين جي ذريعي رياست جو دين اسلام ٿي ويو ۽ انهي جو نالو اسلامي جمهوريا پاڪستان، قراداد مقاصد انهي آئين جو بنياد بڻيو.  ڀٽو نه رڳو آئين جي بنياد وسيلي ملڪ کي اسلامي نظرياتي ملڪ طور اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ اهو پڻ بنياد رکيو ته عالم اسلام ۾ پاڪستان کي رهبري جو ڪردار ادا ڪندي سموري دنيا تي اسلام جي حڪمراني قائم ڪرڻي آهي. حيرت انگيز طور انهي اسلامي سربراهه ڪانفرنس جو هي ترانو تشڪيل ڏنو ويو.

هم تا به ابد سعي و تغير ڪي ولي هين

هم مصطفوي، مصطفوي، مصطفوي هين

دين همارا دين مڪمل استعمار هي باطلِ ارذل

خير هي جدوجهد مسلسل عندالله

عندالله، عندالله، عندالله

ڀٽي جي طرفان ملڪ جي آئين کي اسلامي نظريات، مسلمان ملڪن جي اڳواڻي ۽ اسلام جي عالمگيريت واري سياسي سوچ کي عسڪري بنياد تي سگهارو ڪرڻ جي لاءِ ائٽمي طاقت بنائڻ جو پڻ بنياد رکيو ويو. ڀٽي جي دور ۾ جمهوري، سيڪيولر ۽ قومپرست سوچ رکندڙ اصول  پرست باڪردار قيادت کي سياست کان پري رکڻ جي لاءِ رياستي طاقت جو استعمال ڪيو ويو. نتيجي ۾ سندس مخالفت وڌي وئي جن قوتن جي ڏڍ تي هن سڀني سياسي ڌرين سان ڦٽايو آخر ۾ انهن ئي کيس تخت تان لاهي تخته دار تي لٽڪائي ڇڏيو. جنرل ضياءُالحق انهي اسلامي نظريات واري آئين کي ڦاڙي اسلامي نظرياتي ڪائونسل وسيلي ملڪ ۾ نظامِ مصطفيٰ جي لاڳو ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي. ملڪ جهادي پيدا ڪرڻ جي فئڪٽري بڻجي ويو. اسلام جي پرچار سلامتي واري دين جي بجاءِ ڪافرن جي سر قلم ڪرڻ جي سوچ بڻجي وئي. مدرسا امن ۽ انسانيت جو درس ڏيڻ جي بجاءِ سر ڏيڻ ۽ سر وٺڻ جو سودو سيکاريندا رهيا. نتيجي ۾ سموري ملڪ جي اندر هڪ پوري نوجوان نسل ۾ اها اسلام جي بجاءِ اسلامي انتهاپسندي جي ستي پوندي رهي. اهي طالب جيڪي ملڪ جوجهادي اثاثو سمجهيا پئي ويا تن اڳتي هلي ملڪ جي اندر اسلامي شرعي نظام جي طلب ڪرڻ شروع ڪئي.

افغان جهاد جي انتها جڏهن اتي طالبان جي حڪومت قائم ڪرڻ تائين پهتي ته پوءِ اهي طالب جن پاڪستان جي سرزمين تي مدرسن مان افغانستان جي اندر يا سموري دنيا ۾ اسلامي نظام تي مشتمل شرعي رياست قائم ڪرڻ جي تعليم حاصل ڪئي هئي انهن تحريڪ طالبان پاڪستان کي جنم ڏئي پاڪستان جي اندر اسلامي شرعي نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ جهاد جو اعلان ڪري ڇڏيو. جيڪو ٻج ڪنهن ٻئي جي سرزمين تي پوکڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هو اهو فصل جنهن پهاڙي ملڪ جي سرزمين تي نسري نئين ٻج کي جنم ڏنو انهي جي لاءِ انهن کي پاڪستان جي سرزمين وڌيڪ زرخيز نظر اچي هي آهي. پاڪستان جي اندر افغانستان ۾ ملا عمر جي طالبان حڪومت جي قيام کان بعد مذهبي گروهن جي اندر اها سوچ وڌڻ لڳي ته جڏهن افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿي سگهي ٿي ته پوءِ پاڪستان ۾ ڇو نه؟ جنهن بعد پاڪستان جي مدرسن مان ئي اهو اسلامي شرعي نظام جي نفاذ جي لاءِ جدوجهد جو آواز بلند ٿيڻ شروع ٿيو. اسلام آباد جي لال مسجد هجي توڙي سوات جو شهر سڀني هنڌن تي جهادي فئڪٽري مان جنم وٺندڙ طالب ملڪ جي آئين ۽ قانون کي للڪارڻ لڳا. ملڪ جي مختلف شهرن، سياسي اڳواڻن، اسڪولن توڙي مکيه عسڪري اڏن تي حملا ٿيڻ شروع ٿيا. رياست جي رٽ ڪمزور ٿيڻ لڳي رياست جي مذهبي نظرياتي نعري تي اسلامائيزيشن جو اثر ايترو ٿي ويو جو سوات ۾ مڪمل مذهبي انتها پسندن جي حڪمراني قائم ٿي وئي. اهڙي صورتحال بعد رياستي ادارن عسڪري طاقت وسيلي وقتي طور انهن جي حڪمراني ختم ڪري علائقن تي واپس پنهنجو اختيار ته حاصل ڪري ورتو ٿي پر هن وقت اولهه جو سمورو بارڊر پاڪستان جي امن امان ۽ استحڪام لاءِ هڪڙو وڏو خطرو بڻيل آهي.

آمريڪا جي دوها ۾ افغان طالبان سان ڪيل معاهدي بعد جنهن ڏينهن کان افغاستان ۾ طالبان جي حڪمومت قائم ٿي آهي تنهن ڏينهن کان اولهه واري بارڊر تي جهڙپون جاري آهن. افغان طالبان جي پاڇي هيٺ پلجندڙ تحريڪ طالبان پاڪستان جي طرفان پاڪستان جي مٿان مسلسل دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته پاڪستا سرڪار سندن اهڙا مطالبا انهن جا قبول ڪري جيڪي پاڪستان جي آئين کي للڪارڻ جي برابر آهن. طالبان سان جيڪي جنگبندي جا معاهدا پاڪستان سرڪار طرفان ڪيا ويا هئا انهن کي ٽي ٽي پي جي طرفان ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي پاڪستان  سان جنگ جو اعلان انهي طريقي سان ڪيو آهي ته هو سموري پاڪستان اندر پنهنجين ڪاررواين کي شروع ڪري ڏيندا. انهن جي انهي اعلان جي پهرين ڏينهن تي ئي بلوچستان ۾ هڪ خودڪش بمبار جو پوليس تي حملو ٿيو جنهن بعد لڳاتار مختلف شهرن ۾ اسلام آباد سميت اهڙا حملا ٿي رهيا آهن. پاڪستان جي خارجا پاليسي ايتري ته ڪمزور آهي جو اها افغانستان جنهن جو سموري دنيا سان ڪاروبار جو سامونڊي رستو سنڌ مان آهي انهي کي پنهنجا شرط مڃائڻ جي بجاءِ عالمي برادري کي منٿون ڪري رهيا آهن ته افغانستان جي طالبان سرڪار سان دنيا کي سهڪار ڪرڻ گهرجي. هئڻ اهو گهرجي ته آمريڪا جنهن سان افغان طالبان دوها ۾ اهو معاهدو ڪيو هو ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن به قسم جي دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيندي اتان جڏهن پاڪستان جي مٿان دهشتگردي جا وار ٿيندا هجن ته آمريڪا ان ۾ ڪهڙي طرح افغان طالبان تي پنهنجو دٻاءُ وڌائي سگهن ٿا.