رياض (م ڊ) پاڪستان کي سعودي عرب کان اوڌر تي تيل جي فراهمي جي سهولت ۾ واڌاري جو امڪان آهي. عرب ميڊيا موجب پاڪستان سعودي عرب کان تيل فراهمي جي سهولت ۾ واڌ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي پاڪستان کي ان سهولت ۾ واڌاري جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي سعودي عرب کان هاڻي 1.2 ارب ڊالر بدران 3.6 ارب ڊالر جي سهولت ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ان حوالي سان ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون جاري آهن. سعودي عرب گذريل سال پاڪستان کي 4.2 ارب ڊالر جو پيڪيج ڏنو هو، جنهن ۾ 1.2 ارب ڊالر جي ادائيگي تي تيل جي سهولت به شامل هئي.