پاڪستان جي مطالبي بعد افغانستان ۾ ٽي ٽي پي ۽ داعش خلاف ڪريڪ ڊائون

0
124

افغانستان جي عبوري ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي گرفتاري پهريون ڀيرو تسليم ڪري ورتي

افغان حڪومت جي ترجمان موجب گذريل هڪ سال دوران ٽي ٽي پي جا 35 کان 40 دهشتگرد افغانستان مان گرفتار ڪيا ويا

افغانستان گهرو وزارت جي ترجمان موجب افغان حڪومت ملڪ مان ڪالعدم داعش جي دهشتگردن کي به وڏي انگ ۾ گرفتار ڪيو آهي

افغانستان جي ترجمان موجب افغانستان پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپن جو خواهشمند آهي، افغانستان جي سر زمين ڪنهن به پاڙيسري ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اڄ افغانستان ۾ دهشتگردن جو ڪوبه گروپ فعال ناهي

افغانستان گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويندو

واضح رهي ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي کانپوءِ پاڪستان افغانستان کان دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي