ڪير ته پُڇا ڪري ها ته صبح جو وزير اعظم شام جو هائيجيڪر ڪيئن ٿي ويو؟ نواز شريف

0
132
ڪير ته پُڇا ڪري ها ته صبح جو وزير اعظم شام جو هائيجيڪر ڪيئن ٿي ويو؟ نواز شريف
ڪير ته پُڇا ڪري ها ته صبح جو وزير اعظم شام جو هائيجيڪر ڪيئن ٿي ويو؟ نواز شريف

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪنهن کي ته پُڇڻ گهرجي ها ته صبح جو وزير اعظم شام جو هائيجيڪر ڪيئن ٿي ويو؟، اندازو ئي نه هو ته پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي عهدي تان فارغ ڪيو ويندو، مقصد رڳو وزير اعظم کي نيڪالي ڏيڻ هو ۽ هڪ سليڪٽڊ کي آڻڻ هو

لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته آر ٽي ايس کي ويهاري جيڪا حڪومت آندي وئي، اُها حڪومت به ٺاهي نه سگهي، اسان جي حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته موٽر ويز ٺهي وڃن ها

هن چيو ته آءِ ايم ايف کي اسان خدا حافظ چيو هو، اسان پرڏيهي قرض واپس ڪري رهياهئاسين، بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي رهي هئي، سي پيڪ پاڪستان اچي رهيو هو، چيو پئي ويو ته پاڪستان جي 20 ۾ شامل ٿي ويندو، پاڪستان کي نظر لڳي وئي

نواز شريف وڌيڪ چيو ته هڪ چونڊيل وزير اعظم کي رڳو ان ڪارڻ جي ڪري گهر ڀيڙو ڪيو ويو ته اُن پنهنجي پٽ کان پگهار نه ورتي، اِن کان وڌيڪ پاڪستان خلاف ڪهڙي سازش ٿي سگهي ٿي؟