پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي پلانٽ ۾ حادثاتي ڌماڪو، 3 ملازم مارجي ويا

0
278
واه ڪينٽ ۾ هڪ زوردار ڌماڪو
پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي پلانٽ ۾ حادثاتي ڌماڪو، 3 ملازم مارجي ويا

راولپنڊي: پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته واهه ڪينٽ پي او ايف ۾ حادثاتي ڌماڪو ٿيو، ڌماڪو فني خرابي سبب ٿيو. خيال رهي ته واه ڪينٽ ۾ هڪ زوردار ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو، جنهن کانپوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڌماڪي جي نوعيت جو تعين ڪرڻ شروع ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪي ۾ 3 ملازم مارجي ويا، 2 زخمي آهن جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو. حادثي واري جاءِ کي ڪليئر ڪيو ويو آهي ته ۽ هاڻي صورتحال او پي ايف ٽيڪنيڪل ايمرجنسي ريسپانس ٽيم جي قابو ۾ آهي. ڌماڪو ايترو زوردار هو جو ڀرپاسي جي عمارتن ۽ گهرن جا شيشا ٽٽي پيا. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۾، فضا ۾ بلند ٿيندڙ دونهين جا ڪڪر ڏسي سگهجن ٿا.