انٽرنيٽ ڪنيڪشن گهرجي ته قرآن تي قسم کڻو: ترڪمانستان حڪومت جو انوکو فيصلو

0
397
انٽرنيٽ ڪنيڪشن گهرجي
انٽرنيٽ ڪنيڪشن گهرجي ته قرآن تي قسم کڻو: ترڪمانستان حڪومت جو انوکو فيصلو

ڪراچي (م.ڊ) ترڪمانستان جي حڪومت شهرين کي انٽرنيٽ جي سهولت جي فراهمي لاءِ انوکي شرط رکي ڇڏي آهي. برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب ترڪمانستان جي شهرين لاءِ گهر تي انٽرنيٽ جو ڪنيڪشن لڳرائڻ لاءِ ضروري هوندو ته اهي قرآن تي قسم کڻن ته هو پابندي پيل ويب سائيٽس تائين رسائي حاصل نه ڪندا. ميڊيا رپورٽن مطابق ، ان منفرد فيصلي تحت ، جيڪو به گھر ۾ انٽرنيٽ ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو ، ان کي قرآن پاڪ جو قسم کڻڻو پوندو ته اهي پابندي مڙهيل ويب سائيٽن تائين رسائي لاءِ وي پي اين ايپليڪيشن استعمال نه ڪندا. ميڊيا رپورٽن مطابق ترڪمانستان ۾ تنقيدي ويب سائيٽس بلاڪ ڪيون ويون آهن ۽ صدر جي حڪم تي حڪومت اهو غير معمولي فيصلو ڪيو آهي.