ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 3 برک مذهبي عالمن سميت ٻين کي ايم پي او تحت 30 ڏينهن لاءِ نظربند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. گھروکاتي طرفان جاري ڪيل آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مولانا عباس قادري، مولانا غوث بغدادي ۽ زين العابدين کي 30 ڏينهن لاءِ حراست ۾ وٺي نظربند ڪيو وڃي. آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مذهبي اڳواڻن جي ايم پي او تحت نظربندي جو نوٽيفڪيشن آءِ جي سنڌ جي سفارشن تي جاري ڪيو ويو آهي، اهي عالم امن لاءِ خطرو آهن، هنن نه صرف ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏنو پر روڊ به بند ڪيا، سندن عوامي هنڌن تي موجودگي شهرين لاءِ خطرو آهي، شهرين جي تحفظ، امن امان ۽ ملڪي مفادن خاطر کين 30 ڏينهن لاءِ نظربند ڪيو وڃي. گھروکاتي جي ذريعن موجب کاتي طرفان جاري ڪيل فهرست ۾ ٽنهي مذهبي اڳواڻن کانسواءِ مذهبي جماعت سان تعلق رکندڙ درجنين اڳواڻ شامل آهن، جن کي حراست ۾ وٺڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن