اسلام آباد/ڪراچي/لاهور(نمائندن وٽان + م ڊ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٽن ڏينهن تائين احتجاج ۽ هنگاما ٿيڻ بعد انتظاميا سخت ڪارروائِي ڪندي احتجاج ختم ڪرائي سمورا روڊ کولرائي ڇڏيا آهن، تحريڪ لبيڪ جي هزارين ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ 3 هزار کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ اڳواڻ گرفتار ڪري ورتا آهن. جڏهن ته وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ تي پابندي جو فيصلو دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيو ويو ۽ پنجاب حڪومت تنظيم تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي آهي اسان پابندي بابت سمري ڪابينا ڏانهن اماڻي رهيا آهيون. شيخ رشيد چيو ته سياسي حالتن سبب نه پر تحريڪ لبيڪ جي ڪردار سبب پابندي لڳائي پئي وڃي. جڏهن ته مون ڪڏهن به هن پارٽي جي حمايت ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪڏهن خادم حسين سان مليس.وفاقي گهرو وزير چيو ته اسان جون هنن کي پرچائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿيون. هي فيض آباد اچڻ چاهين ٿا، اسان قرارداد اسيمبلي ۾ اتفاق راءِ سان پيش ڪرڻ چاهي ٿي اسان جون وڏيون ڪوششون هيون پر هنن هر حالت ۾ فيض آباد اچڻ چاهيو ٿي. هي اهڙو مسودو چاهين ٿا جنهن سان يورپ جا سمورا ماڻهو ئي واپس هليا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته اسان نه هنن لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي هئي ۽ اسان جيڪو معاهدو ڪيو هو ان تي قائم هئاسين. گهرو وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي جيڪي رستا بند ڪرڻ لاءِ چئي رهيا آهن قانون انهن جو پيڇو ڪري رهيو آهي، اسلام آباد ۾ پوليس کان رائفل ڦري فائرنگ ڪئي وئي هنن مٿان جيڪا ايف آءِ آر ٿي اها قانون موجب ٿي آهي. جڏهن ته سمري منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا ڏانهن اماڻي وئي آهي، جيڪا 24 ڪلاڪن اندر منظور ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف اسلام آباد، لاهور، گجرات، گجرانوالا، پشاور، ڪوئيٽا، سيالڪوٽ ۽ بين شهرن ۾ سيڪيورٽي ادارن سخت ڪارروائي ڪري احتجاجي مظاهرا ختم ڪرايا ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، حڪومت 3300 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جن مان اڪثريت پنجاب ۾ گرفتار ڪئي وئي آهي. پنجاب ۾ گجرانوالا ۾ 89، سيالڪوٽ ۾ 50، گجرات ۾ 48، حافظ آباد ۾ 22، منڊي بهاءُ الدين ۾ 18 ۽ نارووال ۾ 17 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن، سيالڪوٽ، گجرانوالا، ڪامونڪي ۾ ٽي ايل پي جي 171 نامزد ۽ 1300 اڻ ڄاتل ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ 183 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ ايم پي ايز جي گرفتاري لاٰءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. سيوھڻ ۾ ڪالهه تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ وارو مامري بعد سرڪاري مدعيت ۾ 30 ڄڻن مٿان روڊ بلاڪ ۽ ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪيس سيوھڻ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ قلم 353 .341.186 .147 ۽ 149 شامل ڪيا ويا آهن. پوليس 6 جوابدارن ڏھرڪي واسي حافظ عاقب ڏھر، جوھي واسي محمد خان مري، صاحب خان، حافظ يار محمد بوزدار، مير محمد بوزدار ۽ امجد ابڙو کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايف آء آر ۾ ڄاڻايو آهي ته سيوھڻ جي ڪاليج روڊ ڀرسان اڙل ھيڊ پل وٽ انڊس ھاءِ وي تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي 30 ڏنڊا بردار ڪارڪنن روڊ تي پٿر رکي بند ڪيو بيٺا ھئا ۽ پوليس موقعي تي پھچي انھن کي روڊ خالي ڪرڻ لاء چيو ته جوابدارن ايس ايڇ او سيوھڻ ذوالفقار اوڍاڻو ۽ ٻين اھلڪارن کي ڌڪا ۽ ٿيلھا ڏنا ۽ مٿن ڏنڊا وسايا. ٻئي طرف گرفتار جوابدارن کي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت 6 جوابدارن کي 14 ڏينھن جي رمانڊ تي سب جيل سيوھڻ موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پڪا چانگ باءِ پاس تي مذهبي جماعت پاران لڳايل ڌرڻي دوران پوليس تي حملو ڪري هڪ ايس ايچ او کي زخمي، روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جا ٻه ڌار ڌار ڪيس سرڪار جي فرياد تي 35 سڃاتل جوابدارن سميت 85 ماڻهن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ٿيڻ بعد پوليس مولوي سومر شر، مولانا عبدالوهاب سڪندري، ممتاز شر سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري 25 موٽرسائيڪليون به هٿ ڪيون. جوابدارن کي خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري 7ڏينهن جو رمانڊ ورتو ويو.