وانا (م ڊ) ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليس ريلي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ تي منظور پشتين خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪندي 6 ڄڻن کي ڪورونا وائرس پکيڙڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. وائس آف آمريڪا جي رپورٽ موجب ڏکڻ وزيرستان پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ صحافي سميت 9 اپريل تي پي ٽي ايم جي ريلي آرگنائيز ڪندڙ 6 ڄڻن کي وانا مان گرفتار ڪيو ويو آهي انهن تي ڪورونا وائرس جا حفاظتي پروٽوڪول لتاڙڻ ۽ ماڻهن کي رياست خلاف ڀڙڪائڻ جو الزام آهي. پي ٽي ايم اڳواڻ منظور پشتين تي به غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.