ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي) ٽنڊوباگو ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺن ۾ ڊائريا ۽ گيسٽرو تي ضابطو نه اچي سگهيو. پنجن ٻارن سميت 8 ڄڻن کي تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. شهر جي پرائيويٽ اسپتالن ۾ به 15 مريض داخل. خبر موجب ٽنڊوباگو ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺن ۾ سخت گرمي ۽ خراب پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو ۽ ڊائريا جي بيماريءَ تي گهٽتائي اچي نه سگهي آهي. سومر ڏينهن 3 سالن جي شيراز، 4 سالن جي عمر فاروق، 5 سالن جي زرينا، 3 سالن جي اڪبر، 45 سالن جي ميرزادي، 35 سالن جي ڄام خاتون، 40 سالن جي الهبچايو کي گيسٽرو ۽ ڊائريا جي بيماريءَ سبب تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪيو ويو. جڏهن ته شهر جي مختلف پرائيويٽ اسپتالن ۾ پڻ 15 کان وڌيڪ گيسٽرو ۽ ڊائريا جا مريض آندا ويا آهن. تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو ۽ شهر جي مختلف پرائيويٽ اسپتالن ۾ مجموعي طور 23 کان وڌيڪ مريض گيسٽرو ۽ ڊائريا سبب داخل ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر لکاڏنو عباسي موجب سخت گرمي ۽ خراب پاڻي واپرائڻ سبب ڊائريا ۽ گيسٽرو جي مريضن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.