ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊي آدم لڳ ڳوٺ قيصر گهوٽ اسٽاپ تي سوئي ڪندر شاخ تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت ڀرسان ۽ شاخ جي ڪپرن تي ڳوٺاڻن پاران مبينا قبضو ڪري ٺاهيل 6 دڪان ۽ مانڊڻيون ۽ ڇپرن کي آبپاشي کاتي جي اختيارين اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز احمد جتوئي ۽ پوليس اهلڪارن کي ساڻ ڪري ڳري مشينري استعمال ڪري اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون جڏهن ته متاثرن بابر هنڱوري ، مشتاق بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبپاشي اختيارين خلاف احتجاج ڪيو.