فريدآباد (ن پ ا) مبينا طور 12 مهينا اڳ کنڀي گُم ڪيل ظفر چانڊيو ۽ رياض خاصخيلي جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن حاجي خان خاصخيلي، فقير سنڌيار، عارف عمر، ذاڪر چانڊيو، علي چانڊيو ۽ ٻين 112ھين ڏينهن به بُک ھڙتال جاري رکندي دانهيون ته اسان جي بيگُناھ رياض خاصخيلي ۽ ظفر چانڊيو جي کنڀجڻ تي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي. اسان کي اهو به نٿو ٻڌايو وڃي ته انهن کي ڪهڙي ڏوھ ۾ کنڀيو ويو آهي؟ ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جي نوجوانن جو ڪنهن به تنظيم يا گروپ سان ڪوبه واسطو نه آهي انهن کي بيگُناھ کنڀي گُم ڪيو ويو آهي ھنن وڌيڪ چيو اسين وڏي واقع ۽ باربار چئون ٿا ته خُدارا اسان جا کنڀيل نوجوان بيگُناھ آهن کين آزاد ڪيو وڃي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان چيف جسٽس آف سنڌ، چيف آف آرمي اسٽاف، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته اسانجي بيگُناھ جبري طور کنڀي گم ڪيل ظفر چانڊيو ۽ رياض خاصخيلي جي گُمشدگي جو نوٽيس وٺي انهن کي ظاهر ڪري آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت پنهنجن پيارن جي آزاديءَ تائين پُر امن جدوجهد جاري رهندي.