ٺڪراٺو (ن پ ا) سنڌ سرڪار پاران ڪورونا وائرس جي بچاءَ خاطر ڪيل لاڪ ڊائون جي اعلان کانپوءِ ٺڪراٺي ۽ مبارڪپور شهرن ۾ به مڪمل طور لاڪ ڊائون ڪيو ويو، ايس ايڇ او مبارڪپور مارڪيٽون بند ڪرائي ڇڏيون، مبارڪپور ۽ ٺڪراٺو شهرن جو ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳو آهي، هتان جي مسڪين عوام پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڏکيو ٿيڻ لڳو آهي سنڌ سرڪار ، ضلعي انتظاميا يا وري تعلقي انتظاميا پاران ڪي به اپاء ناهن ورتا ويا نه ئي ڪو هتان جي مزدور طبقي لاء راشن جو بندو بست ڪيو ويو آهي جنهن ڪري هتان جي مزدور طبقو سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويو آھي