خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ٺيِڙهي شهر ڀرسان هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويل پي پي ايچ آءِ جو ڊسپينسر چيتو مل عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد مان مبينا مقابلي بعد بازياب، مغويءَ کي ڀنگ ڀري بازياب ڪرائڻ جا چوٻول. خبر موجب خيرپور پوليس عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين سان مبينا مقابلي بعد ٽي هفتا اڳ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ٺيڙهي ڀرسان هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويل پي پي ايچ آءِ جي ڊسپينسر چيتو مل کي بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آهي. جڏهن ته چوٻول آهن ته چيتو مل کي ڀنگ ڀري آزاد ڪرايو ويو آهي. چيتو مل جي بازيابيءَ کانپوءِ ايس ايس پي آفيس خيرپور آندو ويو ته وارثن ۽ هندو برادري جي ماڻهن دهل شرنائيون ساڻ ڪري ايس ايس پي آفيس پهچي ايس پي مير روحل کوسو کي گلن جا هار پارائي سندس ٿورو مڃيو. ايس ايس پي جو چوڻ هو ته چيتو مل کي ڀنگ ڀري بازياب ڪرائڻ وارين افواهن ۾ ڪابه صداقت نه آهي.