شڪارپور (رپورٽر) خانپور ڀرسان اڍائي مھينا اڳ اغوا ٿي ويل 2 مغوي بازياب، ان ڏس ۾ ناپر ڪوٽ واري علائقي مان اغوا ٿي ويل مغوي عبدالرزاق شيخ ۽ ھدايت الله ميمڻ مبينا پوليس مقابلي بعد بازياب ٿيا آھن، شڪارپور پوليس موجب ته مغوين کي ھڪ ھنڌ کا ٻئي ھنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي ته ڪارروائي ڪئي ۽ ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، مقابلي بعد پوليس ٻنھي مغوين کي جوابدار ڇڏي فرار ٿي ويا.ھوڏانھن چئوٻول آھن ته راڄوڻي ڪوششن بعد مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آھي.