ڪرمپور/ٺل/ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان) ڪرمپور، ٺل ۽ ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن جي ڪارروائي، 8 ڄڻا اغوا، خبر موجب ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام رسول بجاراڻي ڀرسان تنگواڻي لنڪ روڊ تي اڻ ڄاتل ھٿياربندن چنگچي رڪشا کي روڪي رڪشا ۾ سوار 4 ڄڻن الله ڏنو، حاجي خدابخش، نورالدين بھلڪاڻي ۽ سڄڻ ميراڻي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ورتو، ٻڌايو پيو وڃي ته  اهي شادي تان واپس رڪشا ۾ سوار ٿي شهر طرف اچي رهيا هئا ته کين اڻڄاتل هٿياربندن اغوا ڪيو، هٿياربند مغوين جي هڪ ساٿي رڪشا ڊرائيور کي ڌاڙيلن ٻڌي اڇلائي ڇڏيو، جنهن بعد ۾ وارثن کي اطلاع ڏنو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي هٿياربندن پويان رواني ٿي وئي، اطلاع تي مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، ٻئي پاسي ڪرمپور ويجهو روجهاڻ مزاري واسي پورهيت عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪشمور جي ڪچي ۾ قيد هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب پورهيت مجاهد ملڪ کي عورتاڻي آواز تي ڪچي ۾ گهرائي ڌاڙيلن کيس اغوا ڪيو، مغوي جي وارثن موجب ڌاڙيلن 20 لک رپيا ڀنگ گهريو آهي، ڪنڌڪوٽ ڀرسان هٿياربند ملتان ويندڙ ٽرڪ کي روڪي ڊرائيور فيض محمد ۽ ڪلينر اڪبر خلجي کي اغوا ڪري ويا، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جوئر سان ڀريل ٽرڪ بلوچستان کان ملتان وڃي رهي هئي ته ڌاڙيلن کيس روڪيو، هوڏانهن ٺل جي ڳوٺ وارثڏنو نوناري واسي ڳوٺاڻو مهراڻ پٽ ملگزار نوناري 12 ورهين جي پٽ آصف نوناري سان موٽر سائيڪل تي ڪنڌڪوٽ وڃي رهيو هو ته ڪار سوار هٿياربندن تنگواڻي لاڙي ڀرسان کيس اغوا ڪري ورتو، اغوا کان بچي ويل ڳوٺاڻي جي پث آصف دانهون ڪيون ته ڳوٺاڻا ۽ پوليس پهچي وئي، پوليس موجب ڳوٺاڻو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان نه پر تنگواڻي جي حد مان اغوا ٿيو آهي.