ٺل (ن پ ا) لکي غلام شاهه مان هٿياربندن هٿان هفتو اڳ اغوا ٿي ويل اڳوڻو حيسسڪو اڪائوٽنٽ عبدالمجيد رڪي بازياب نه ٿي سگهيو آھي، ٻي طرف عبدالمجيد سرڪي جي بازيابي لاءِ جسقم جساف پاران شمن علي لياقت سرڪي، وسيم قريشي، بشيرسرڪي، عبيد الله سرڪي، واحد سرڪي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مغوي ڌاڙيلن وٽ هفتي کان باندي بڻيل آھي پر پوليس ڪابه مدد نه پئي ڪري، جنهن سبب وارثن ۾ بيچيني پکڙيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته عبدالمجيد سرڪي کي بازياب ڪرايو وڃي نه ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، هوڏانهن ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل اڪبر وڄلو ۽ بي سيڪشن جي حد مان اغوا ٿي ويل حفيظ بجاراڻي به هٿياربندن جي قبضي ۾ آهن جنهن کي پڻ پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آھي.