فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد پوليس مبينا اغوا ٿيل زميندار عثمان لاشاري کي بازياب رائي نه سگھي آهي. ڳوٺ قاسم لاشاري ۾ ڪڻڪ جي ٻار تان اغوا ٿي ويل زميندار محمد عثمان لاشاري کي اغوا ٿئي 16ڏينهن گذري ويا، مغوي جي ڀاء محمد عمر، پٽ راشد لاشاري، سڄڻ، حبيب الله، امير علي، ڀيڻ درناز، عظيمه، سس، اميدان ۽ ٻين قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪندي دانھيو ته مغوي محمد عثمان لاشاري کي اغوا ٿئي 16 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود سندس ڪوبه ڏس پتو نه پوڻ ڪري سخت پريشان آھيون. اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، ان باوجود محمد عثمان کي اغوا ڪري گم ڪيو ويو آهي. پوليس محمد عثمان لاشاري کي بازياب ڪرائڻ جا خالي دلاسا ۽ آسرا ڏيڻ ۾ پوري آهي. ھنن آءِ جي سنڌ چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته مغوي عثمان لاشاري کي بازياب ڪرائي بي چيني ختم ڪئي وڃي.