يوڪرين ۽ روس جي جھيڙي ۾ ڏوھ ڪنھن جو…؟

0
180
سون جي کاڻ واري ريڪوڊڪ منصوبي جو رد ٿيڻ ۽ بحالي

 روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ڇتي ويڙھ ھلي رھي آھي. ٻئي ملڪ ان جنگ کي پنھن جي بقاءَ جي لڙائي ڪوٺي رھيا آھن. روس، يوڪرين کان وڌيڪ طاقتور آھي ان ڪري يوڪرين تي چڙھائي ڪئي. اڄ جي دور ۾ اھڙي قدم کڻڻ تي ڪيتريون ڏکيايون ٿينديون اھو ڄاڻندي بہ روس حملي کان نہ مڙيو. تنھن جو مطلب تہ ان جون بہ ڪي مجبوريون آھن. ھن لڙائي جي شروع ٿيڻ  تي اھو بحث شروع ٿي ويو آھي تہ  ھڪ آزاد ملڪ تي روس  حملو ڇو ڪيو؟ . ڏاڍائي ڪير بہ ڪري اھو مذمت لائق عمل آھي پر اچو تہ ان معاملي جي زميني حقيقتن تي بہ غور ڪريون .

ماضي بعيد ۾ جيڪا لشڪر ڪشي ٿيندي رھي تنھن کي وساري ماضي قريب تي نظر ڪريون تہ دنيا ۾ ٿيل ڪي ئي ڦڏا نظر اچن ٿا. سن 1962ع  ۾ آمريڪا ۽ سويت يونين ۾ ميزائل واري ڦڏي طور مشھور معاملو ئي ڏسو، جنھن ۾ سويت يونين پنھنجا ميزائيل جيڪي جوھري ھٿيار کڻي حملي جي صلاحيت رکندڙ ھئا، آمريڪا جي ڀر واري ملڪ ڪيوبا ۾ اڏن تي رکيا ھئا، آمريڪا جيڪو انھن ڏينھن ۾ وڌيڪ طاقتور ھو تنھن ڪيوبا ۽ سويت يونين  کي ڌمڪي ڏني تہ اھي  اڏا ڏنل وقت ۾ نہ ھٽايا ويا تہ پوءِ ھي آمريڪا طرفان  جنگ سمجھو. ان سڌي ڌمڪي جي نتيجي ۾ روس پنھنجو اڏو ختم ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ انھن ڏينھن ۾ آمريڪا جا پنھن جا دنيا جي ڪيئي حصن ۾ اڏا هئا، ٻيو ته ٺهيو پر هن روس جي ڀر واري ملڪ ترڪي ۾ بہ فوجي اڏا قائم ڪيا.

شام ۽ اسرائيل پاڙيسري ملڪ آھن . سندن وچ ۾ اڄڪلهه ڪا سڌي لڙائي ته ڪونھي پر شام ۾ جيڪا گھرو ويڙھ آھي سا ظاھري طور تي مقامي آبادي جي فرقن جي ھڪ ٻئي تي سبقت حاصل ڪرڻ جي ويڙھ آھي. ان ۾ بہ اسرائيل شام جي علائقن تي لاڳيتو بمباري ڪندو رھي ٿو. ان بمباري لاءِ دليل اهو آھي تہ ھو پنھنجي ملڪ جي دفاع لاءِ انهن ٽولن ۽ ماڻهن کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو جيڪي  ڪنھن وقت طاقتور ٿي سندس ملڪ تي حملو ڪري سگھن ٿا. عراق تي موتمار ھٿيارن گڏ ڪرڻ جي ڪوڙي ڳالھ تي عراق تي حملي کي بہ پاسيرو رکو پر ھڪ خودمختيار ملڪ عراق جي سرزمين تي ايراني جنرل کي ميزائل حملي ۾ مارڻ کي جائز چوڻ پٺيان بہ اھو دليل ھو تہ ھي آمريڪا جي مفادن لاءِ خطرناڪ ھو. دھشتگردي جي نالي ۾ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن تي پنھنجي ٽارگيٽ کي نشانو بنائڻ کي آمريڪا ۽ مغربي ملڪ حق سمجھندا رھيا آھن. ڊرون حملا بہ پاڪستان جهڙي ھڪ خودمختار ملڪ ۾ ڪيا ويا.

اھو بہ تاثر آھي تہ پاڪستان پنھنجي بچاءُ جي سوچ ھيٺ ھندستان کي افغانستان ۾ پير کوڙڻ تي ارھو ٿيندو آھي. اھا سوچ ۽ ان سلسلي ۾ بہ ملڪي سرحدن جي حفاظت جي قدم  طور تي آھي جنھن موجب سرحدن تي پنھن جي بچاءُ جي مقصد ھيٺ چوڪس رھڻ ضروري آھي.يوڪرين بہ روس جو پاڙيسري ملڪ آھي . ڪنھن وقت سويت يونين ۾ شامل ھئڻ ڪري ھو ھڪ ملڪ جو حصو ھو. يوڪرين واري حصي ۾ سويت يونين ڪيئي دفاعي صنعتون لڳايون. سرحدي دفاع جي لحاظ کان ھي ملڪ روس لاءِ وڏي  اھميت رکي ٿو. ان علاقي ۾ روس ڪنھن ڌارئي اثر رسوخ خاص ڪري فوجي طاقت کي پنھنجي لاءِ خطرو سمجھي ٿو. 2014 کان مغربي ملڪن ۽ آمريڪا اتي پنھنجي سياست شروع ڪئي. يوڪرين  کي مغرب جي مڪمل اثر رسوخ ۾ آڻڻ لاءِ ڪارروايون ۽ منصوبہ بندي شروع ڪئي. روس  کي جيتوڻيڪ سندس سرحدي ملڪ اندر مغرب جو اھڙو وڌندڙ اثر رسوخ پسند ڪونہ ھو پر ھو ان تي اعتراض ته ڪندو هو پر ان باوجود برداشت ڪندو رھيو. لڙائي شروع ٿيڻ  کان اڳ واري صورتحال اهڙي ٿي وئي جو جديد آمريڪي جھاز روسي سرحدن ويجھو اڏامون ڪرڻ لڳا، جيڪو ظاهر آهي ته روسي  کي خطرو ئي محسوس ٿيو.

ڪاري سمنڊ ۾ برطانيہ ۽ آمريڪي بحري جھازن جي وڃڻ ۽ اتي بيھڻ جو ڪھڙو جواز ھو؟ يوڪرين  ۽ ان جي ويجھو ان فوجي مھم جوئي جو آخر مقصد ڪهڙو ھو؟. آخري قدم طور يوڪرين کي يورپي يونين ۾ شامل ڪرڻ جون تياريون شروع ٿيون، جنهن ھيٺ ان تي حملو جي صورت ۾ ناٽو کي ان طرفان وڙھڻ جو قانوني جواز فراھم ٿي وڃي ھا. ان سان يوڪرين مان روس اندر دفاعي صورتحال ۽ ان جي چر پر تي بہ ناٽو جي نظرداري ممڪن ٿي وڃي ھا. تازو روسي جاسوسي اداري جي سربراھ جو بيان شايع ٿيو آھي جنھن ۾ ھن چيو آھي تہ سن 1994 ۾ مشرقي يورپ جي شھر بداپيسٽ ۾ ٿيل اھو معاھدو جنھن ۾ ائٽمي ھٿيارن کي ختم ڪرڻ جي عيوض يوڪرين ملڪي سلامتي جي ضمانت گھري ھئي . ھو ھاڻ ان معاھدي مان نڪري  جوھري ھٿيار ٺاھڻ ٿو چاھي جنھن جي وٽس صلاحيت موجود آھي، ان سان روس جي ڪمزور ٿيڻ جا پڪا امڪان ھئا. ان صورتحال ۾ روس وٽ ٻہ آپشن ھئا. يا ھو مغرب جي گھيري ۾ اچي سوڙھو ٿي رھي يا پنھن جي سرحدن جي حفاظت لاءِ ڪو سخت ردعمل ڏيکاري. سو روس پويون آپشن چونڊيو.