چڪ اسپتال جي المناڪ ڪهاڻي…

0
140
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

آزاد انور مهر چڪ مان لکي ٿو

چڪ ۽ ڀرپاسي جي 40 هزار آباديءَ لاءِ عوام کي سرڪار طرفان صحت جهڙي بنيادي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ جوڙيل چڪ جي سرڪاري اسپتال، جنهن جي پنهنجي صحت گهڻي وقت کان نه صرف خراب آهي پر اختيارين ۽ هن شهر جي گهڻ گهرن جي عدم توجه سبب بيماريءَ جي آخري اسٽيج تي ڄڻ ته ساهه جون آخري هڏڪيون ڏئي رهي آهي.شايد ئي ڪو ڏينهن هجي جو بيحسيءَ جي بستري تي پيل چڪ جي سرڪاري اسپتال جي حوالي سان بدانتظامي جون خبرون ميڊيا جي زينت نه بڻجنديون هجن ۽ اهي خبرون صرف ڊي ايچ او شڪارپور سميت صحت کاتي جي عملدارن جي خالي نوٽيس وٺڻ واري شغل جي نظر ٿي وڃن ٿيون. چڪ واسي سيٺ پرسو مل تلريجا پاران ڏنل پلاٽ تي 1973 ۾ قائم ٿيل چڪ اسپتال، جيڪا هاڻي پنهنجو عروج وڃائيندي پئي وڃي، جيڪا رڪارڊ ۾ 24 ڪلاڪ کليل رهي ٿي ۽ جتي هر ايندڙ مريض کي وقت سر دوا درمل ملي ٿو. جتي مليريا، مدي جي بخار، پيشاب ٽيسٽ جون سهولتون آهن جتي ايڪسري ۽ الٽرا سائونڊ جون سهولتون موجود آهن، نه صرف ايترو پر اسپتال جي ايم ايس ۽ ڊي ايچ او شڪارپور جي دعويٰ موجب چڪ جي اسپتال روڊ حادثي جي زخمين توڙي جهيڙن دوران ڪنهن به ايمرجنسيءَ ۾ مريضن کي تسلي بخش طبي امداد به ڏني ويندي آهي. هي سڀ صحت کاتي توڙي اسپتال ۾ مقرر آفيسر ۽ ڊاڪٽرن جون دعوائون آهن جن مٿان دوکي جي دز پيل آهي.

انهن سمورين دعوائن تان اها دز ان وقت هٽي جڏهن هفتو پهريان چڪ جي نئين چيمن محلي واسين مانجهاڻي مهرن ۽ ميراڻي ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو. جنهن ۾ 12 ماڻهو زخمي ٿيا جن کي پوليس پاران چڪ اسپتال جو ليٽر ڏنو ويو پر پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز لاءِ زخمين جون تصويرون ۽ فٽيج ڪرڻ لاءِ جڏهن پاڻ چڪ اسپتال پهتاسين ته رت ڳاڙيندڙ ٻنهي ڌرين جا زخمي ماڻهو اسپتال جي مک دروازي کان اندر داخلا واري در تي تڙپي رهيا هئا ۽ اسپتال جي گيٽ کي لوهي زنجير وارو تالو لڳل هو ۽ اهو ڪو آچر يا عام موڪل وارو ڏينهن به نه هو پر خميس جو ڏينهن منجهند جي هڪ وڳي جو وقت هو جو سرڪاري رڪارڊ موجب اسپتال ۾ مقرر 67  ڄڻن جي اسٽاف مان هڪ به ماڻهو موجود نه هو. ٻيو ته ٺهيو ڪو صفائي ملازم يا چوڪيدار به نظر نه آيو جيڪو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ زخمين کي کڻي اسپتال پهتل سندن وارثن کي اهو سمجهائي ته ڊاڪٽر موجود ناهن، وقت وڃائڻ بجاءِ زخمين ۽ مريضن جي زندگي بچائڻ لاءِ کين ٻي اسپتال ڏينهن نيو وڃي. ماڻهن جي رڙين تي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو جنهن بعد اسپتال ۾ بيٺل ٻن ايمبولنسن باجود زخمين کي ايمبولنس بدران پوليس موبائيلن ۾ سٿي لکي غلام شاه ۽ سکر اسپتالن ڏانهن نيو ويو.

 هي ڪو پهريون دفعو ناهي جو ائين ٿيو هجي اڪثر ايمرجنسيءَ ۾ ايندڙ مريض ڊاڪٽرن جي نه هجڻ سبب زندگيءَ جنگ هارائي ويهندا آهن ڪجهه وقت پهريان چورن سان مقابلي دوران زخمي پوليس اهلڪار سرفراز مهر تڪڙي طبي امداد نه ملڻ سبب سکر نيندي رستي ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. ساڳيو حشر خانپور واسي سئوٽن اسد علي آرائين رضوان آرائين سان ٿيو جيڪي روڊ حادثي ۾ سخت زخمي ٿيا ۽ اسپتال ۾ ڪوبه ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود نه گهڻو رت وهڻ سبب فوت ٿيا. اسپتال ۾ مقرر هيٺين اسٽاف جي ٻن ملازمن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن کان اسپتال ۾ عورتن جي مسئلن جي ماهر ڊاڪٽرياڻي ناهي، اسپتال جي رڪارڊ بڪ موجب آخري ڊيلوري 16 فيبروري 2021 ۾ ٿي هئي هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ويم لاءِ ايندڙ عورتن کي اسپتال ۾ ئي مقرر ليڊي هيلٿ ورڪر جي رحم ڪرم ڇڏيو ويندو آهي يا وري کين سکر شڪارپور جي اسپتالن کان رفر ڪرڻ جو مشورو بلڪل مفت ڏنو ويندو آهي. چڪ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن  جي عوام لاءِ ٺاهيل اسپتال ۾ هن وقت ڊليوري توڙي الٽرا سائونڊ مشين جو تصوير ئي ناهي. ايڪسري مشين خراب ٿيڻ بعد ساڍن چئن سالن کان اسپتال جي اسٽور روم ۾ رکيل آهي.

مليريا ۽ مدي جي بخار جي ٽيسٽ  واري ليبارٽريءَ کي تالو لڳندي به ڪو عرصو ٿيو آهي بخار جي ٽڪي مشڪل سان ملي ٿي پر صحت کاتي آفيسرن جي دعويٰ موجب سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. ائين به ناهي ته چڪ اسپتال ۾ اهو سڀ ڪجهه شروع کان وٺي آهي. ڪنهن وقت ۾ ان ئي اسپتال ۾ ويم، ايمرجنسي آپريشن ۽ پوسٽ مارٽم به ٿيندا هئا پر صحت کاتي ۽ سرڪار سميت چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپيءَ سبب سهولتن سان ڀرپور شهر جي ساکائتي اسپتال هڪ آهستي آهستي ان ويران گهر جو منظر پيش ڪري رهي آهي جنهن جو ڌڻي لڏپلاڻ ڪري وڃي ۽ گهر جي ڪنڊ ۾ موجود ڄارو اها گواهي ڏيندو آهي ته ڪو عرصو ٿيو آهي جو گهر جي مالڪن پير ناهي پاتو. اهڙي صورتحال سڀ کان وڌيڪ پريشان علائقي جا اهي غريب ماڻهو آهن جن لاءِ ٻن ويلن جي ماني به مسئلو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نه صرف سرڪار پر سڄاڻ شهري اسپتال جي ان حالت جو نوٽيس وٺي ڪردار ادا ته جيئن نه صرف اسپتال پر تاريخي ورثو ويران ٿيڻ کان بچي پوي.