لساني سامراجيت جي دور ۾ مادري ٻولين جي حقن جو سوال

0
213
ھولي- زرعي سماج جو ثقافتي پسمنظر رکندڙ تھوار

 نوآبادياتي سامراجيت جي هي ڪوشش هوندي آهي ته سرمائيدار طبقو سندس ٻولي ۽ ان جي استحصال پسند شڪل کي قبول ڪري.

 سترهين صدي ۾ انگريزي ميڊيم آف انسٽرڪشن ڪري، فارسي کي بي دخل ڪيو ويو. انگريزي ٻولي جيتوڻيڪ شهري اسڪولن ۽ هائير ايجوڪيشن ۾ لاڳو ٿي، پر مقامي طور  خاص ڪري ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ گجراتي، بينگالي، پنجابي، تامل ٻولين ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. انگريزي ميڊيم ذريعي يورپي ادب ۽ سائنس پڙهائڻ جو ارادو ڪيو ويو.

                 18 صدي ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي فارسي اسٽيڊيز جو شعبو کوليو ته جيئن مغل سلطنت جي انتظام کي سمجهي سگهجي. فارسي ٻولي مغل سلطنت جي نشاني هئي. تاج برطانيه فارسي ٻولي کي انتظامي معاملن مان بي دخل ڪرڻ کانپوءِ انگريزي ڪالونيل انتطامي ڪارونهوار جي ٻولي ٿي وئي.

                 1748ع کان ايسٽ انڊيا ڪمپني جون ٻولي بابت پاليسيون نرم هيون، ڇو جو ڪمپني جو مقصد آرام سان واپار ڪرڻ هو. ڪمپني جا مرد مقامي ٻوليون سکڻ، مقامي انڊين عورتن سان شاديون ڪرڻ، مقامي مذهب اپنائڻ جو ڪم به ڪندا رهيا.

انگريزن جي ٻولي جي تعليمي پاليسي جا ٻه رخ هئا. هڪ ته انگريزي تعليم صرف هڪ مخصوص اليٽ ڪلاس لاءِ هئي، ۽ عام لوڪ لاءِ اتان جي مقامي ٻولين Vernaculars ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. ايئن انگريزي ميڊيم اسڪول ۽ مقامي ميڊيم اسڪول ٻه خاص طبقا پيدا ڪيا ۽ انهن جو ڪم به جدا هو. انگريزي ميڊيم اسڪولن مان نڪرندڙ طبقو سول سروسز ۾ داخل ٿيو ۽ برطانوي سرڪار سان به وفادار رهيو. انڊين نيشنل ڪانگريس جا بانيڪار به ميڪاولي جي ذهنيت جو عڪس هئا. اهي انگريزي ميڊيم اسڪول ۽ يونيورسٽيز ۾ پڙهيا هئا.

1835ع ۾ فارسي ٻولي جي سرڪاري حيثيت ختم ڪئي وئي. اقتدار انگريزن وٽ آيو ۽ انهن انڊيا تي ضابطو آڻي ڇڏيو. فارسي مغل سلطنت ۾ سرڪاري ۽ اقتداري ڪاروهنوار جي ٻولي هئي. انگريزن فارسي کي هٽائي، انگريزي ٻولي لاڳو ڪئي.

انگريزي ٻولي فارسي جي جاءِ والاري. سرڪاري طور اها ٻولي ميڪاولي منٽ 1835 ذريعي نافذ ٿي. ٻه فيبروري 1835ع ۾ ميڪاولي جي منٽ پاس ٿي، ٻه ٻوليائي Bilingualism جو بنياد وڌو ويو. (اها ڪالونيل ليگيسي 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به اپنائي وئي.) ميڪاولي منٽ کان اڳ ۾ Orientalist ٻولي پاليسي برطانوي انڊيا ۾ رائج هئي. 1780ع کان 1835ع تائين، جنهن ۾ سنسڪرت، فارسي ۽ عربي تعليم ۾ رائج هيون. 1835ع ۾ انگريزي عدليه ۽ تعليم جي ٻولي ٿي وئي. پر پنهنجي صورتن ۾ لساني سامراجيت ذريعي راج هو. فرق صرف ايترو هو ته سنسڪرت، عربي ۽ فارسي مقامي اشرافيه جون ٻوليون هيون، جڏهن ته انگريزي تاج برطانيه جي انتظاميه جي ٻولي هئي.

بيٺڪيت پسند انگريز جي سوچ هئي ته انگريزي ثقافت بهتر آهي ۽ عوام کي انگريزي ثقافت ۽ ٻولي اپنائڻ گهرجي. انگريز سرڪار جو مقصد هو ته انگريزي ثقافت متعارف ڪرائجي ۽ عوام کي “مهذب” ڪجي. ڪپلنگ (1899) ۾ پنهنجي هڪ نظم ۾ هندوستاني عوام کي مهذب بنائڻ کي White Man’s Burden يعني گورن جي مٿي جو سور چوي ٿو.

1837ع فارسي کي ڪورٽن مان بي دخل ڪيو ويو. ان کانپوءِ هندي اردو تضاد پيدا ڪري Divide and Rule جي حڪمت عملي جوڙي وئي. مسلم ليگ اردو کي مسلم اتحاد ۽ مسلم قومپرستي طور ورتو. اردو ۽ هندي ۾ تضاد ڳوليا ويا، حالانڪه تمام گهڻيون هڪجهڙايون هيون. اردو کي فارسي عربي اسڪرپٽ ۽ هندي کي ديوناگري اسڪرپٽ سان جوڙيو ويو.

ووڊس ڊسپيچ 1854ع هڪ حڪمت عملي تشڪيل ڏني ته انگريزي ٻولي ۾ مغربي تعليم ڏني وڃي. انگريزي ميڊيم اسڪول جي جڙاءُ جو مقصد هو ته سماج کي مغربي آداب سيکاري سگهجن. انهي تعليم جو مقصد اهو به هو ته اهڙي اشرافيه تيار ڪجي جيڪا برطانوي سرڪار سان وفادار هجي. سول سروس ۾ نوڪريون به انهن کي ڏجن. انهن جي سليڪشن جو معيار انگريزي ٻولي جي مهارت تي رکيل هو. ان طرح انگريزي ٻولي اقتدار سان سلهاڙڻ جو ذريعو به ٿي پئي. اليٽ بيوروڪريسي ۾ نوڪري لاءِ انگريزي جي ضرورت هئي. نوڪريون ۽ ڪاروبار ان ٻولي تحت وڌڻ لڳا. ايئن علائقي تي معاشي اثر پيا.

ان ڪري ٻولي بابت پاليسي نه صرف تعليم ۾، پر سماجي ۽ معاشي ورهاست به پيدا ڪري ٿي، بلڪه طبقاتي تضاد به وڌائي ٿي. مابعد بيٺڪيت اڪثر رياستن جي سماج جي حالت ڪجھه اهڙي ئي آهي. تعليم ۾ ٻولي پاليسي بيٺڪيت جي ليگيسي آهي.

1847ع کانپوءِ تعليمي نظام کي انگريزي اسڪولن ۽ مقامي ٻولين جي اسڪولن ۾ ورهايو ويو. جيڪي به سرڪار جا وفادار هئا، انهن انگريزي اسڪولن تائين رسائي ڪئي وئي. راجا ۽ جاگيردار انگريز سرڪار جا وفادار هئا. ان سڄي نظام طبقاتي نظام کي ويتر سگهارو ڪيو. انگريزي اسڪولن ۾ انڊين اليٽ پيدا ٿيو، جيڪو نوڪرين ۾ ويو ۽ سرڪار جو به حصو ٿيو. اڄ به انگريزي ملٽري ۽ سول بيوروڪريسي ۾ داخل ٿيڻ جو پاسپورٽ آهي.

انگريزي ٻولي جو هڪ خاص طبقاتي ڪردار آهي. هن سماج ۾ علم جو عروج انگريزي سان منسوب ڪيو ويو آهي. مطلب ته جيڪو انگريزي ڄاڻي ٿو اهو حقيقي پڙهيل لکيل آهي. پر جي جائزو ورتو وڃي ته ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي انگريزي ته سٺي ڄاڻن ٿا پر ذهني طور غلامي پسند  هوندا آهن. ان ڪري انگريزي ٻولي علم جو معراج ڪونهي. رياست طرفان انگريزي ٻولي جي پٺڀرائي دراصل هڪ اهڙو ڪلاس تيار ڪرڻ آهي، جيڪو گلوبل مارڪيٽ جي ڦهلاءُ ۾ مددگار ثابت ٿئي.

ٻولي جي ذريعي حڪمران طبقا عوام تي حڪومت ڪن ٿا. سنسڪرت ٻولي تي برهمڻن جي اجاراداري هئي. انهن ٻولي جو مذهبي استعمال ڪيو. ٻولي جي بنياد تي قوم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪنهن قدر ڪامياب به ويا، جيئن جرمني ۾ ٿيو. رياست جو سياسي نظام هڪ ٻولي کي ترقي وٺرائي ٿو. قومي رياستن ۾ ٻين ٻولين کي نهوڙيو وڃي ٿو. جيئن فرانسيسي ٻولي انقلاب اطالوي، جرمن ۽ ٻين ٻولين تي ناڪاره اثر مرتب ڪيا.

هڪ رياست پنهنجي نظرياتي مقصدن لاءِ هڪ ٻولي کي پنهنجو ڪندي آهي ۽ ٻين ٻولين کي غير اهم سمجهندي انهن کي نصاب، تعليمي ادارن، بيوروڪريسي، عدالت وغيره مان بي دخل ڪندي آهي. ڪنهن هڪ ٻولي کي سرڪاري يا قومي ٻولي قرار ڏيڻ سان ٻين ٻولين تي اثر پوي ٿو ۽ ٻين ٻولين جي حق تلافي ڪندڙ اهو عمل غير سياسي نه هوندو آهي. ٻولي ۽ ثقافت جي موت لاءِ ميڊيا ۽ تعليمي نظام اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، ان پويان معيشت، فوج ۽ سياسي نظام هوندا آهن. هي تمام اهم سوال آهي: هي تعليمي نظام ڪهڙي طبقي جو بيانيو Narrative تشڪيل ڏئي ٿو؟

ذهني محڪوم ٻاهرين ٻولي(Foreign Language)  ۽ ان جي قبضاگير شڪل کي قبول ڪندا آهن. ٻولي جي ذريعي منڊي جي ترويج ڪئي ويندي آهي. بيٺڪي ٻولي سڌريل سڏبي آهي ۽ مقبوضه قوم يا غلام عوام جي ٻولي اڻپوري، حقارت آميز ۽ واهيات سڏبي آهي. ڪنهن به هڪ ٻولي جي فوقيت يا اجاراداري اصل ۾ لساني استحصال پسندي ئي آهي. مادري ٻولي يا ماحول جي ٻولي ئي هڪ ٻار جي فهم، سمجھه ۽ تصورن کي واضح ڪندي آهي. هن نظام ۾ Subtractive Teaching  ٿئي ٿي. تعليمي نظام لساني ويڳاڻپ جو پيداگير هوندو آهي.

مابعد ڪالونيل ڊسڪورس ۾ انگريزي جديديت ۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقي جي ٻولي بڻيل آهي. سامراجي ثقافت جو تسلط ڪيئن ٿو ٿئي، ان جو مثال انگريزي ٻولي آهي. انگريزي ٻولي ذريعي سامراج جو مقصد ٽين دنيا جي ملڪن ۾ پنهنجي مارڪيٽنگ ڪرڻ رهيو پئي آهي. انگريزي ٻولي نه صرف هڪ جنس آهي، پر هي ٻولي بورجوا ڪلاس جو طبقاتي مرتبو ۽ طرزِ زندگي ( لائف اسٽائيل) جو به تعين ڪري ٿي. ٽين دنيا جي رياستن ۾ انگريزي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو الڳ طبقو تشڪيل ڏئي، پنهنجو سماجي رتبو جوڙين ٿا. مراعته يافته طبقو انتظاميه، تعليم، عدالت، ميڊيا ۽ ٻين رياستي يا سامراجي ادارن  جي نوڪري لاءِ حاڪم ٻولين کي پنهنجي مادري يا علائقائي ٻولي تي ترجيح ۾ شامل ڏيندو آهي. اهو عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته اسان جي سماج جو مراعت يافته ماڻهو شهرن، ڪاليجن، يونيورسٽين، تفريح جي جاين، وغيره تي سنڌي ۽ ڍاٽڪي تي انگريزي ۽ اردو ڳالهائڻ کي فوقيت ڏئي ٿو، ڇو؟  Language Shift جا به هي ڪجھه خاص سبب آهن.

اهو چيو وڃي ٿو ته تاريخ کان اڳ جي دور ۾ ڏھه کان پندرنهن هزار ٻوليون هيون. دنيا ۾ اڄ به ست هزارن کان وڌ ٻوليون موجود آهن. ڏکڻ ايشيا ۾ ست سئو کان وڌ ٻوليون وجود رکن ٿيون. پاڪستان ۾ ستر کان وڌ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. تعليم، عدليه، انتظاميه، واپار، ميڊيا، ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر: هي سڀ رياستي اقتدار جا شعبا آهن. انهن ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ ماڻهو پنهنجي ٻارن کي انگريزي يا اقتدار سان سلهاڙيل ٻولين ۾ تعليم ڏين ٿا. ماڻهو نوڪرين لاءِ ۽ سماجي ۽ سياسي اقتدار لاءِ هڪ ٻولي کي ٻين ٻولين تي فوقيت ڏين ٿا. ايئن ئي Language Shift ٿئي ٿي. ٻولي جي منتقلي ان صورت ۾ ٿئي ٿي جڏهن ان جا ڳالهائڻ وارا ٻي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪن ٿا. ٻوليون به ايئن مرن ٿيون. ٻولي تڏهن مري ويندي آهي، جڏهن ان جو آخري ڳالهائڻ وارو فرد مري ويندو آهي. درحقيقت ٻولين کي ماريو ويندو آهي. جڏهن رياست پاليسي تحت هڪ ٻولي جي سرپرستي ڪندي آهي، هڪ ٻولي ۾ تعليم ۽ روزگار ڏيڻ لاءِ ماحول جوڙيندي آهي يا حالتون پيدا ڪندي آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجي ٻولين کان وڌيڪ رياست جي سرپرستي وارين ٻولين کي ترجيح ڏين. انگريزي، چيني، فرانسيسي، جرمن، عربي، هندي ۽ اردو جهڙيون ٻوليون ٻين ٻولين جي قيمت تي وڌي رهيون آهن. هڪ ٻولي جي قيمت تي ٻي ٻولي سيکارڻ جي عمل کي توو اسڪتنب ڪنگاس لساني سامراجيت (Linguistic Imperialism) جو حصو سڏي ٿي.

هڪ ٻولي مٿان ٻي ٻولي جو تسلط لساني سامراجيت آهي. اها سامراجيت سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي تسلط جي اظهار ڪندي برابري ۽ جمهوري اصولن جي نفي ڪندي آهي. معاشي ۽ سياسي مفادن جو اظهار مذهب ۾ ٿيندو آهي ته ٻولي ۾ به ٿيندو آهي. ٻولي کي سماج کان، سياست کان ۽ معيشت کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. ٻولي خيال جو اظهار هوندي آهي ته ٻولي ذهنيت به ٺاهي ٿي.  مظلوم طبقي جي ٻولي جي اوسر روڪڻ حڪمران طبقي جي ترجيح پئي رهي آهي. رياستي قومي ٻولي جي تناظر ۾ سنڌي، سرائڪي ۽ ڍاٽڪي سميت ڪيئي ٻوليون ان جو مثال آهن. هڪ ٻولي جي ارتقا روڪڻ جو مقصد پورهيت ڪلاس جي قومي ۽ طبقاتي شعور جي رستا روڪ ڪرڻ آهي.

هن سموري ڊسڪورس جي تناظر ۾ انڊيجينئس اقليتي ٻولين جو ڪيس سمجهي سگهجي ٿو. سنڌي، ڍاٽڪي، سرائڪي، براهوي، گجراتي، بلوچي، پنجابي، پوٺوهاري، پشتو، هندڪو، دري، خوار، واکي، بلتي، شينا، بروشسڪي، ڪشميري  ۽ ٻين ٻولين جي واڌاري ۽ لساني رنگا رنگي Linguistic Diversity کي هٿي ڏيڻ سان گڏ انهن ٻولين کي به جيئندان ڏئي سگهجي ٿو.سامراج پنهنجي سرمائيداراڻي ثقافت ۽ منڊي جي سگهه لاءِ ٻولي کي هٿيار طور استعمال ڪندو آهي. بيٺڪيتي راڄ مڙهڻ لاءِ مجموعي طور تي ثقافت ۽ خاص طور تي ٻولي تي اثرانداز ٿيڻ جو مقصد عوام جي پيداواري وسيلن تي قبضو به هوندو آهي. ٻولي جي اهڙي حاڪميت ئي لساني سامراجيت آهي، جنهن ۾ حاڪم طبقو رعيت جي سياسي، سماجي ۽ معاشي استحصال ڪندو آهي.

[email protected]