سي فوڊ کائيندڙ همراهه جي وات ۾ قيمتي هيرو اچي ويو

0
365

نيوجرسي(انٽرسٽنگ نيوز) چوندا آهن ته ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو…… اهڙو ئي واقعو آمريڪي شهر نيوجرسي ۾ پيش آيو، ان سڏ ۾ ميڊيا رپورٽن موجب سي فوڊ (سامونڊي کاڌو) کائيندڙ همراهه جي وات ۾ قيمتي هيرو اچي ويو.

آمريڪي شهر جرسي جي هوٽل ۾ زال مڙس ماني کائي رهيا هئا ته ساڻن اهو واقعو پيش آيو. رپورٽن موجب زال سان گڏ ماني کائيندڙ مڙس مائيڪل سپريسلر کي وات ۾ ڪجهه سخت محسوس ٿيو، جيڪو هن وات مان ڪڍيو ته کيس خبر پئي ته اهو هزارين ڊالرن جو قيمتي هيرو هو. ڄاڻايل موتيءَ جي قيمت هزارين ڊالر ٻڌائي پئي وڃي جيڪو 8 ڏهائي 8 ميٽر ڊگهو آهي. 58 ورهين جي مائيڪل جو چوڻ آهي ته هو سي فوڊ ڪافي وقت کان کائي رهيو آهي پر ڪڏهن اهڙو حيران ڪندڙ واقعو پيش ناهي آيو. ٻئي پاسي ماهرن جو چون آهي ته Oyster کائيندي اهڙا موتي نڪرڻ اتفاق جي ڳالهه آهي،

10 هزار اوسٽر مان ايڏو وڏو موتي نڪرندو آهي، جيڪو قميتي هجي ٿو.  همراهه جي زال قيمتي موتي پنهنجي هار ۾ وجهڻ جي خواهش مند آهي پر مڙس مارڪيٽ ۾ قمت پڇندو وتي. ماهرن موجب ان جي قيمت 50 هزار ڊالر ٿي سگهي ٿي.

 

ھي به پڙھندا

آمريڪا ۾ نينگر جا اُڀا وار سڌا ڪرڻ ناممڪن