يوڪرين تي حملي خلاف روس ۾ احتجاج، مظاهرين پيوٽن کي هٽلر قرار ڏئي ڇڏيو

0
182
يوڪرين تي حملي خلاف

ماسڪو: روس جي يوڪرين تي حملي کانپوءِ ماسڪو ۾ صدر پيوٽن خلاف احتجاج شروع ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب يوڪرين تي روس جي حملي جي ڪجهه ئي ڪلاڪن بعد روسي شهري يوڪرين تي روسي حملي خلاف روڊن تي نڪري آيا، مظاهرين صدر پيوٽن کي هٽلر قرار ڏنو

ميڊيا رپورٽن موجب راڄڌاني ماسڪو ۾ خميس جي رات هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن يوڪرين جي حملي خلاف احتجاج ڪيو ۽ جنگ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته گاڏين ۾ سوار شهرين مظاهرين جي حمايت ۾ هارن پڻ وڄايا.

ميڊيا رپورٽن موجب صدر جي ان قدم جي مخالفت لاءِ سينٽ پيٽرزبرگ سميت راڄڌاني ماسڪو کانسواءِ ٻين شهرن ۾ ماڻهن جو وڏو انگ روڊن تي نڪري آيو. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي روسي عوام يوڪرين تي حملي جي مخالفت ڪندي پنهنجي حڪومت جي ان قدم جي مذمت ڪئي آهي

 ان کان علاوه يوڪرين تي حملي خلاف ٽوڪيو، تل ابيب، بيروت، نيويارڪ سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ روسي سفارتخانن ٻاهران شهرين ۽ يوڪرين ۾ امن جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ائٽمي هٿيارن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ نوبل امن انعام يافته تنظيم به جنيوا ۾ يورپي يونين جي هيڊ ڪوارٽر آڏو احتجاج ڪيو

ھي به پڙھندا

روس ۽ يوڪرين تڪرار: پاڪستاني سفارتخانو ڪيف کان ٻئي شهر منتقل