اڍائي مڻ چرس هٿ اچڻ جو ڪيس: عدالت پاران جوابدارن جي سزا معطل

0
112
نئون ڪوٽ واقعو

حيدرآباد (ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ اڍائي مڻ چرس هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌايل 2 جوابدارن جي سزا وارو فيصلو معطل ڪري ڪيس ٻيهر هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

22 مئي 2019ع دوران ( اسپيشل جج) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي جوابدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي

23 مارچ 2016ع تي ڄامشورو پوليس جوابدار فواد پٺاڻ خلاف 58 ڪلو چرس ۽ جوابدار علي محمد پٺاڻ کان 46 ڪلو چرس هٿ ڪري مٿن ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا هئا

ٻنهي جوابدارن وڪيل امتياز چنا معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ سزا خلاف اپيلون داخل ڪرايون، جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس عمر سيال تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻنهي جوابدارن جي سزا معطل ڪئي

عدالت چيو ته جوابدارن تي فرد جرم صحيح نموني لاڳو نه ٿيو هو ان لاءِ ٻيهر ٻنهي جا بيان ورتا وڃن ۽ 6 مهينن دوران ٽرائل مڪمل ڪري لاڳاپيل عدالت پاڻ فيصلو ٻڌائي ڇڏي