سوال/سروي غيرملڪي ۽ ٻين صوبن مان آيل ماڻهو به سنڌ جي آبادي ۾ ڳڻڻ وارو عمل برداشت نه ڪبو، روڊن تي اينداسين: عوام

0
126
سوال/سروي غيرملڪي ۽ ٻين صوبن مان آيل ماڻهو به سنڌ جي آبادي ۾ ڳڻڻ وارو عمل برداشت نه ڪبو، روڊن تي اينداسين: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته آدمشماري پهرين آگسٽ کان ڪرائڻ جو اعلان: غيرملڪي ۽ ٻين صوبن مان آيل ماڻهو به سنڌ جي آبادي ۾ ڳڻيا ويندا، وفاقي حڪومت جي اهڙي قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ جي آبادي ۾ ٻاهرين ماڻهن کي ڳڻڻ واري عمل کي رد ڪريون ٿا، سنڌ جي آبادي جي ڳڻپ فقط اتان جي رھواسين جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، وفاقي حڪومت جي ان فيصلي جي خلاف روڊن تي هونداسين، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته ھي ھڪ حساس مسئلو آھي ائين ڪيئن ته جيڪو به آيو سو اگھيو ٻين صوبن وارا غير سڀ ڪيئن ٿا سنڌ جا شھري ٿي سگھن؟ مھمانن کي به ڀاتي بڻائي ڇڏڻ جھڙو عمل آھي سنڌ ۾ پھريون ئي بيروزگاري گھڻي آهي ان عمل سان نوڪرين سميت ٻين وسيلن تي ڌاريا حاوي ٿي ويندا ھي عمل ناقابل قبول آھي، قربان علي ميراڻي لکيو ته سنڌ ڪنهن جي پي جي جاگير ناهي جو جيئن وڻي تيئن پيا ڪن؟ سنڌين سان اھڙي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ وفاقي حڪومت جي اھڙي غلط فيصلي جي سخت لفظن مذمت ڪجي ٿي،

زبير احمد ليکو ته وفاق جي اهڙي عمل تي سنڌ ۽ سنڌين کي اعتراض هوندو هي وفاق جي ناجائزي هوندي جنهن مان تعصب جي بوءِ اچي رهي آهي، سميع الرحمان لکيو ته وفاق جي اها ناجائزي هوندي پنهنجن صوبن ۾ رھندڙ ماڻھن کي پورا حق نٿا ملن مٿان وري ٻين صوبن يا ٻاھرين ماڻھن کي زوري مسلط ڪيو پيو وڃي، سليم اختر لکيو ته غلط فيصلو آهي، سنڌ جي آبادي جي ڳڻپ فقط اتان جي رھواسين جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، گڙڌاري لال لکيو ته سنڌي اڳ ئي ڌارين جي لوڌ ڀوڳن پيا مٿان وري وفاق جي نئين راند نامنظور، باقي سنڌ جي حقيقي آدمشماري جا انگ اکر ظاھر ڪري سنڌ کي پنھنجو حق ڏنو وڃي، طارق حسين لکيو ته بلڪل غلط آهي ان فيصلي جي خلاف روڊن تي هونداسين، بجار خان جعفري لکيو ته بلڪل وفاق حڪومت غلط فيصلو ڪيو آھي حقيقي آدمشماري ڪرائي سنڌ کي پنهنجو حق ڏنو وڃي، سنڌ کي اقيليت ۾ تبديل نه ڪيو وڃي،

مسرور شر لکيو ته وفاق ھميشه سنڌين سان ناانصافي ڪري رھيو آھي، اسحاق کوسو لکيو ته ٻين ملڪن يا ٻين صوبن جي رهواسين جي سنڌ جي آبادي ۾ ڳڻپ ڪرڻ سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو آهي، وفاقي حڪومت جو اهو رويو غلط آهي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته هن حڪومت ۾ رڳو سنڌ سان نا انصافيون ڪيون ويون آهن اسين اهڙي عمل سان سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسين، اياز علي راهوجو لکيو ته ڪوشش اھا ڪئي ٿي وڃي ته سنڌي آبادي گھٽ ظاهر ڪجي، الياس سمون لکيوته آدمشماري جنھن مهل جيڪو چاھي ڪارڊ استعمال ڪن ٿا، نعمت الله راهمون لکيو ته غلط فيصلو آهي، منظور علي زرداري لکيو ته وفاق سنڌ سان ناانصافي ڪري رهيو آهي، ارشاد علي لکيو ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي،اسان وفاق جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. بشير ميراڻي لکيو ته سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو ناهي جو غير ملڪي شهري سنڌ ۾ ڳڻيا ويندا، وفاقي حڪومت جي اھڙي عمل جي سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا، ڌارين جي آبادڪاري سنڌ ۾ اڳ ئي گهڻي آهي وري وفاقي حڪومت جي سنڌ دشمني کي رد ڪريون ٿا.

مرتضيٰ خاصخيلي لکيو ته وفاقي حڪومت جي ان فيصلي جي مخالفت ڪيون ٿا، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته اهو غلط فيصلو آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ رهندڙ اصلوڪي وارثن کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهي آهي جنهن سان سنڌ جي ماڻهن سان وڏي حق تلفي ٿيندي اڳ ئي سنڌ جا اڪثر ماڻهو بيروزگار آھن ويتر انهن کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي، محمد اقبال سومرو لکيو ته غلط فيصلو آهي، سرفراز لکيو ته پ پ سنڌ لاءِ ڇا ڪيو آهي، نياز سومرو لکيو ته وفاق ھميشه سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي،سنڌ حڪومت کي وفاق سان آدمشماري جھڙي حساس مامري بابت اکيون اکين ۾ وجھي ڳالھائڻ گھرجي، شبير ڀوت لکيو ته آدمشماري ڪري ڪھڙو سنڌ کي حق ڏيندا اڃا پراڻا اين ايف سي جا پئسا به فراهم ناهن ڪيا، راشد الطاف لکيو ته آبادي جنهن ۾ يونٽ مضبوط صورت ۾ موجود نه هجي ان آبادي ۾ مشاهدن جي سيٽن تي مشتمل آهي، شيون وغيره جيڪي سڀ ڪجهه گڏيل آهن. ڪجهه حالتن ۾، آبادي صرف فرضي آهن. ڪجهه وقت لاءِ ڳڻي سگهن ٿا مستقل طور نه، نماڻو نوناري لکيو ته سنڌ سان اهو ظلم آهي، عابد ڀٽي لکيو ته وفاقي حڪومت نالائق حڪومت ثابت ٿي آهي پنھنجي مفاد خاطر اھڙا قدم پئي کڻي، عيسيٰ لنڊ لکيو ته وفاقي حڪومت جي ان فيصلي جي مخالفت ڪيون ٿا سنڌ انهن جي جاگير ناهي.