ڪراچي (رپورٽ:فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي پرڏيهي دوري دوران به سندس سرڪاري جهاز اڏامندو رهيو، فني خرابي سبب جهاز جي مسافرن کي ملتان ۾ لاٿو ويو، حليم عادل شيخ جي درخواست تي سول ايويشن اٿارٽي راز فاش ڪري ڇڏيو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو سرڪاري جهاز 4 جولاءِ تي ڪراچي کان روانو ٿيو ته فني خرابي سبب جهاز کي ملتان ۾ لاٿو ويو، جنهن بابت اطلاع ملڻ تي سنڌ اسمبلي جي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ سول ايويشن اٿارٽي کي خط لکي جهاز ۽ ان ۾ سوار مسافرن بابت تفصيل گهريا، جنهن جي جواب ۾ سول ايويشن اٿارٽي لکيو آهي ته 4 جولاءِ تي سنڌ سرڪار جو جهاز ملتان ايئرپورٽ تي لينڊ ٿيو، جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري، سعيد غني، ناصر شاهه ، بابر ممتاز، جنيد سليم، رحيم نواز ۽ وزير عباسي نالي مسافر سوار هئا،جڏهن ته جهاز جي عملي ۾ ڪرنل حماد، ميجر عباس ۽ ڪريو امجد شامل هئا، اهڙي رپورٽ کانپوءِ سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه جو جهاز غلط استعمال ٿئي پيو، پ پ جي 13 سالن جي دور حڪومت ۾ سرڪاري جهاز جي استعمال بابت تفصيل گهريا آهن، ته سرڪاري جهاز صوبائي وزير ۽ پ پ چيئرمين ذاتي استعمال هيٺ آڻي عوام جي پئسن جو نقصان ڪري رهيا آهن، انهن خلاف نيب کي درخواست ڏيندس.