وڏيري جي فرمائش تي زال مڙس کي گرفتار ڪندڙ ايس ايڇ او معطل

0
342
وڏيري جي فرمائش تي
وڏيري جي فرمائش تي زال مڙس کي گرفتار ڪندڙ ايس ايڇ او معطل

سکر/پنو عاقل(نمائندن وٽان) پنوعاقل جي دادلوءِ پوليس پاران وڏيري جي فرياد تي عورت نغمه کونھارو ۽ سندس مڙس کي گرفتار ڪرڻ وارو مامري جو ايس ايس پي سکر نوٽيس ورتو

ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ نوٽيس وٺي ايس ايچ او کي سسپينڊ ڪري دادلوءِ ٿاڻي جي سموري عملي کي بدلي ڪري ڇڏيو

ايس ايس پي جي ترجمان موجب ايس ايڇ او دادلوءِ امتياز منگي خلاف اي ايس پي سٽي کي انڪوائري ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي

ياد رھي ته دادلوءِ پوليس وڏيري مشتاق کونھارو ۽ سندس ڀاڻيجي جي فرياد تي عورت نغمه کونھارو ۽ سندس مڙس سميت گھر جي 12 ڀاتين تي ٻه الڳ الڳ ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون ھيون

عورت کي گرفتار ڪرڻ وقت وارثن طرفان دادلوءِ پوليس تي سنگين الزام لڳايا ويا هئا، عورت نغمه کونھارو جي ڏير الزام مڙھيو ته دادلوءِ ايس ايڇ او ۽ اھلڪارن عورت نغمه کي گرفتار ڪرڻ وقت ھڪ ڪلاڪ تائين ڪمري ۾ بند ڪيو ھو