ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) وفاقي حڪومت پاران نائين کان ٻارهين درجي جي شاگردن کان امتحانن ۾ رڳو اختياري (سائنسي) مضمونن جا پيپر وٺڻ واري معاملي تي تعليمي بورڊن جي چيئرمينن جو اجلاس، وفاقي سرڪار جي رڳو اختياري مضمونن جا پيپر وٺڻ واري فيصلي جي ابتڙ ايس او پيز تحت سمورن مضمونن جا پيپر وٺڻ جي سفارش، بورڊز چيئرمينن پاران اختياري مضمونن جا پيپر وٺڻ بعد رهيل مضمونن ۾ اندازي موجب مارڪون ڏيڻ ۾ ڏکيائي ۽ انهي ۾ قابل شاگردن سان ناجائزي ٿيڻ جو خدشو ڏيکاريو ويو ان حوالي سان ڪالهه بين الصوبائي بورڊن جي چيئرمينن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي تعليمي بورڊن جي سربراهن پاران وفاقي حڪومت جي هدايتن تحت نائين_ ڏهين ۽ يارهين ۽ ٻارهين درجي جي امتحانن جي نئين عارضي پاليسي تي سخت اعتراض واريا ويا ڪراچي ميٽرڪ بورڊ، ڪراچي انٽر بورڊ، حيدرآباد تعليمي بورڊ، سکر تعليمي بورڊ ميرپورخاص تعليمي بورڊن جي سربراهن نئين عارضي امتحاني پاليسي کي شاگردن لاءِ ڏکي پاليسي قرار ڏيندي پنهنجون تجويزون تعليم واري وزير سعيد غني حوالي ڪيون ويون، بورڊن جي سربراهن اجلاس ۾ چيو ته شاگردن کان رڳو اختياري مضمونن ۾ امتحان وٺڻ واري معاملي تي خدشا آهن، رڳو اختياري مضمونن ۾ شاگردن کان امتحان وٺڻ ۾ مارڪن واري شرح ڪيئن طئه ڪئي ويندي؟ بورڊ سربراهن چيو ته جيڪي شاگرد ٻين مضمونن ۾ لائق آهن ۽ اختياري مضمونن ۾ ڪمزور آهن ته انهن کي اهڙي پاليسي سان ذهين شاگردن جو نقصان ٿيندو. چيئرمين چيو ته رڳو ٿيوري پيپرن سان ذهانت جو تعين نه ٿيندو، پريڪٽيڪل امتحان به لازمي ٿيڻ گهرجي بورڊن جي سربراهن تجويز ڏني ته شاگردن کان سمورن مضمونن ۾ معمول موجب امتحان ورتا وڃن، امتحاني مرڪز کليل ميدانن ۾ قائم ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين پروفيسر سعيد چيو ته اسان تجويزون تيار ڪري سنڌ سرڪار حوالي ڪيون آهن، سنڌ حڪومت پاران اهي تجويزون اين سي او سي جي اجلاس ۾ رکيون وينديون. ٻئي پاسي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي گھڻو اڳ امتحان ٿيڻ بابت اعلان ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ٻين صوبن هاڻي اعلان ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل سال بنا امتحانن جي سمورن شاگردن کي مٿين ڪلاسن ۾ پروموٽ ڪيو ويو پر هاڻ امتحان ڏيڻو پوندو، هن چيو ته هن وقت به صوبي ۾ ڪورونا جي صورتحال ايتري خراب ناهي، اسان فوري طور تي تعليمي ادارا کولي سگهون ٿا پر اسان آهستي آهستي تعليمي ادارا کولينداسين. هن چيو ته هن سال امتحانن (پيپرن) جو وقت 3 بدران 2 ڪلاڪ هوندو. پيپر جو طريقيڪار به تبديل ڪيو آهي، هاڻ پيپر 50 سيڪڙو ايم سي ڪيوز، 30 سيڪڙو مختصر ۽ 20 سيڪڙو ڊگھن سوالن تي ٻڌل هوندا.