ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾ دهشتگردي لاءِ دهشتگردن جو ڀارتي ايجنسي را سان رابطو ڪرائڻ جو الزام، سي ٽي ڊي ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ پي ايس پي اڳواڻ انيس احمد خان ايڊووڪيٽ کي طلب ڪري ورتو، کانئن حيدرآباد ۾ دهشتگرد ڪاررواين بابت پڇاڳاڇا ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب گذريل هفتي سي ٽي ڊي حيدرآباد سميت صوبي جي ٻين شهرن ۾ دهشتگردي جو نيٽ ورڪ جوڙيندڙ ايم ڪيو ايم جي عسڪري ونگ سان تعلق رکندڙ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو هو، پڇاڳاڇا دوران دهشتگردن ايم ڪيو ايم جي قيادت سان رابطن جو اعتراف ڪيو هو، جنهن بعد ڪالهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ انيس احمد خان ايڊووڪيٽ کي طلب ڪندي نوٽيس پڻ جاري ڪيا آهن، ڊاڪٽر فاروق ستار کي اماڻيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دهشتگرد نعيم خان ولد عبدالرحيم خان ۽ عمران احمد ولد بشيرالدين جاچ دوران اعتراف ڪيو آهي ته اوهان انهن جي ڀارتي ايجنسي را سان وابستگي ۾ مدد ڪئي آهي. اوهان اڄ سي ٽي ڊي آفيس ۾ پيش ٿي جاچ آفيسر وٽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو ۽ ثبوت پڻ پاڻ سان گڏ کڻي اچو. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد حامد موجب انيس احمد خان ايڊووڪيٽ کي به نوٽيس اماڻيا ويا آهن، کانئس پڇيو ويندو ته حيدرآباد ۾ ٿيل دهشتگردي وارين ڪاررواين ۾ سندس ڪهڙو ڪردار آهي؟ سي ٽي ڊي ذريعن موجب ايم ڪيو ايم حيدرآباد جي اڳوڻي قيادت سميت ٻين اڳواڻن کي به طلب ڪرڻ جا امڪان آهن. سي ٽي ڊي ذريعن موجب هڪ دهشتگرد جاچ دوران اهو به انڪشاف ڪيو ته هن ايم ڪيو ايم حيدرآباد جي هڪ اهم عهديدار کي شهر ۾ اعليٰ عهدي تي به مقرر ڪرايو هو.