وزيراعظم طرفان شهيد ناظم جوکيو قتل معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو

0
552
شهيد ناظم جوکيو قتل معاملي

ڪراچي: سنڌ جي گورنر جي سفارش تي وزيراعظم عمران خان شهيد ناظم جوکيو قتل معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وفاقي سرڪار طرفان جي آءِ ٽي بابت جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جا امڪان آھن

 ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ گورنر وچ ۾ ملاقات دوران شهيد ناظم جوکيو قتل معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙڻ تي اتفاق ٿيو آھي

 گورنر عمران اسماعيل وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ناظم جوکيو قتل ڪيس کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ايم پي ايز شفاف جاچ اڳيان رنڊڪ پيدا ڪري رهيا آهن، شهيد ناظم جوکيو جي وارثن تي به دٻاءُ آهي، جي آءِ ٽي جوڙي شفاف جاچ ڪرائڻ سان شهيد ناظم جي وارثن جو قانون تي اعتماد بحال ٿيندو

ھي به پڙھندا

شھيد ناظم جوکيو قتل ڪيس: پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوابدار طور نامزد