“راڄوڻي نه ڪريو” مالي مدد ڪنداسين

0
152

                         عرب شڪارين کي شڪار کان روڪڻ تان قتل ٿيل  ناظم جوکيو جي بيواهه جي مالي مدد لاءِ سنڌ واسي تيار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي به مهم هلائي وئي، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته مقتول جي وارثن کي راڄوڻي نه ڪرڻ گهرجي، جيڪا مالي گهرجي، اها ڪئي ويندي، ان لاءِ سوشل  ميڊيا تي سمورن سنڌين کي به مقتول جي بيواهه ۽ ٻارن جي مالي مدد جي اپيل ڪئي وئي، گل ميتلو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ناظم جوکيو قتل ڪيس، سڄي سنڌ چندو ڪري لکين رپيا مقتول جي وارثن کي ڏين ته جيئن هو پئسن جي لالچ ۾ نه اچن ۽ دٻاءُ ۾ اچي ٺاهه نه ڪن، هر ماڻهو پنهنجي حيثيت موجب شهيد ناظم جي بيواهه جي اڪائونٽ ۾ پئسا جمع ڪرائي، سنڌ جا لکين ماڻهو سو سو ۽ هزار هزار رپين جون به رقمون شيرين جوکيو جي بينڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائن ته ڪروڙين روپيا گڏ ٿي پوندا.

جنهن مان هن مظلوم ڪٽنب جي پرگهور به ڪري سگهبي، ته ڏوهارين کي سزائون ڏيارڻ ۽ وحشي شڪار تي پابندي به وجهرائڻ جي ڪاز کي اڳڀرو ڪري سگهبو. حريف چانڊيو، عبدالسلام سنڌي،اعجاز جمالي،حاجي خان ميتلو،سعيد شيخ،سحر رضوي،نور بلوچ،امتياز حسين، عاشق سمون، شهناز راهو ۽ ٻين لکيو ته اها سٺي صلاح آهي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي، سلام انڙ لکيو ته شيرين جوکيو جو اڪائونٽ کولرائي اڪائونٽ نمبر سوشل ميڊيا تي رکيو ويندو سڀ کان پهريان پاڻ مدد ڪنداسين، رجبت علي هاليپوٽو لکيو ته صرف 100 رپيا هر سنڌي گڏ ڪري ته به کوڙ ٿي ويندا، ولي محمد خاصخيلي لکيو ته اهڙي ريت مظلوم خاندان جو چلهو آرام سان هلندو ۽ کين اڪيلائي جو احساس به نه ٿيندو. سعيده گوپانگ، نثار کوکر ۽ خليل ڀرڳڙي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي ته شيرين جوکيو جو اڪائونٽ کوليو ويندو جيڪو پبلڪ ڪيو ويندو، پئسن ان اڪائونٽ ۾ موڪلڻ گهرجن.

جنهن تي نهال ڪمار، ڪامريڊ امان الله، حاجي خان، رضا محمد، علي مردان شر، محمد عظيم لغاري، قمر کوسو ۽ ٻين اهڙي عمل جي آجيان ڪئي. نثار کوکر اهو به لکيو ته بدين جي انهن نوجوانن کي شاباس، جن عملي ڪم ڪندي شيرين جوکيو کي سمارٽ فون، سم ۽ نيٽ پيڪيج ڪرائي ڏنو. هاڻي کيس واٽس ايپ ۽ فيس بڪ جي سهولت به هوندي.  بدبودار ڀوتارن جو مقابلو بهادر عورت ئي ڪندي تنهنڪري سياستدانن وارن سکڻن حوالن بدران سندس عملي مدد ڪيو ۽ سندس هٿ مضبوط ڪيو.

باقي پنهنجي مڙس جو پلاند هو پاڻهي ڪندي. عرفان علي گوپانگ لکيو ته جيڪڏهن اسين 6 ڪروڙ سنڌي شهيد ناظم جوکيو جي ٻارن لاءِ هڪ هڪ رپيو به گڏ ڪريون ته 6 ڪروڙ ٿين ٿا اچو ته پنهنجي انهن جي مدد ڪريون. پنهل ساريو لکيو ته سنڌ سرڪار ۽ رياست کي ذميوارين کان آجو ڪرڻ جو انوکو انداز،  سميع بلوچ لکيو ته سٺي سوچ آهي نه ته غربت کين ڪيس تان هٿ کڻائي ڇڏيندي.