ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ماڙي پيٽروليم  انتظاميه پنهنجي ڪيل معاهدن  تان ڦري وئي، جي يو آءِ پاران ماڙي پيٽروليم جي گيٽ آڏو ڌرڻو. ماڙي پيٽروليم جي فيلڊ کي بند ڪرڻ ۽ رستا روڪ ڪرڻ جو اعلان .هڪ مهينو اڳ  جي يو آءِ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سوين ماڻهن ماڙي پيٽرليم جي گيٽ آڏو ڌرڻو ڏنو هو جنهن دوران ضلع انتظاميه ۽ ماڙي انتظاميه جي يو آءِ اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي هئي ته ڀرپاسي واري ڳوٺن جا روڊ رستا، اسڪول، ڊسپينسريون ۽ ٻيون سهولتون ۽ برطرف ملازمن کي بحال ڪري  15 ڏينهن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ شروع ڪيا ويندا پر هڪ مهينو گذرڻ باوجود ماڙي پيٽروليم ڪوبه مطالبو نه مڃيو جنهن خلاف جي يو آءِ پاران ٻيهر ماڙي پيٽروليم جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ضلعي امير محمد اسحاق لغاري، محمود اسد مهر ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ماڙي پيٽروليم پنهنجي معاهدن تان ڦري وئي آھي ڪوبه مطالبو تسليم ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته هاڻي ماڙي پيٽروليم جي فيلڊ بند ڪرائي ويندي ۽ هنن جي رستا روڪ ڪئي ويندي.