اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي نالي سان جعلي ٽوئيٽر اڪائونٽ  شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. شهباز شريف جي فوڪل پرسن ابوبڪر انڪشاف ڪيو ته شهباز شريف جي نالي سان جعلي اڪائونٽ ٺاهيندڙ شخص کي گرفتار ڪري ان خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ابوبڪر طرفان هڪ ٽوئيٽ به سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو ته اختلاف قبول آهي پر غلط ڄاڻ  نه. ابوبڪر ٽوئيٽر تي واهپيدار جي اڪائونٽ ۽ شهباز شريف جي نالي سان اڪائونٽ جي تصوير شيئر ڪئي ۽ ٻڌايو ته جعلي اڪائونٽ ٺاهيندڙ واهپيدار رميز راجا لائيو کي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.