وزيراعظم جو روسي صدر سان رابطو، اسلامو فوبيا بابت بيان جي ساراهه

0
144
وزيراعظم جو روسي صدر

ڪراچي(م ڊ) وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري اسلامو فوبيا بابت بيان ڏيڻ تي کيس ساراهيو آهي

وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته هن روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي

عمران خان چيو ته ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ روسي صدر جي بيان جي آجيان ڪئي، اظهار جي آزادي گستاخي جو عذر نٿو ٿي سگهي

هن چيو ته پيوٽن پهريون عالمي ليڊر آهي جنهن مسلمانن جي جذبن جو احساس ڪيو، مان روسي صدر ۽ روسي صدر مون کي پنهنجي ملڪن جي دوري جي دعوت ڏني آهي

عمران خان چيو ته ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ ٻه طرفي سهڪار، گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي