لاڙڪاڻو: جيل انتظاميا خلاف قيدين جي وارثن جو احتجاج، پوليس جي لٺبازي

0
127
لاڙڪاڻو: جيل انتظاميا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل انتظاميا خلاف قيدين جي وارثن جي ڪيل احتجاج مٿان پوليس ڪڙڪي پئي، لٺبازي ڪئي وئي، احتجاج ڪندڙن مان 2 ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪري حد جي وليد ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آھي

سينٽرل جيل لاڙڪاڻو ۾ جيل انتظاميا ۽ قيدين وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب قيدين جي بجلي ۽ ملاقات بند ڪرڻ واري عمل خلاف قيدين جي وارثن جو ست نمبر ناڪو تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

لاڙڪاڻو ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جنهن سبب ايس ايڇ او وليد مشتاق جتوئي ڌرڻي واري هنڌ پهچي لاٺي چارج ڪري 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري وليد ٿاڻي تي منتقل ڪرڻ بعد روڊ کولرايو

ان موقعي تي سينٽرل جيل لاڙڪاڻو ۾ قيد ٿيل قيدين جي وارثن زهران خاتون ڦلپوٽو نهال خاتون چانڊيو صابر ابڙو منظور کوکر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جا ماڻهو اڳ ئي قيد آهن ويتر انهن جي بجلي ماني ۽ ٻيون سهولتون بند ڪري انهن سان ظلم ڪيو پيو وڃي

 هنن چيو ته 5 ڏينهن کان اسان جي ملاقات بند ڪئي وئي آهي هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس وزير اعلي سنڌ آءِ جي سنڌ پوليس ڊي جي رينجرز ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته قيدين کي سموريون سهولتون ڏئي جيل سپريٽنڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کي هٽائي ٻيو ڪو ايماندار جيل سپريٽنڊنٽ مقرر ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي